!!ڪراچي: ايمبولينس وسيلي چرس سپلاءِ ڪندڙ 2 ڄڻا گرفتار

0
318
ايمبولينس وسيلي چرس
ايمبولينس وسيلي چرس

ڪراچي: ڪياماڙي جي ريلوي ڪالوني ۾ رينجرز، پوليس سان گڏ ڪارروائي ڪندي ايمبولينس ذريعي منشيات سپلاءِ ڪرڻ جي الزام ۾ 2 ڄڻا گرفتار ڪري ورتا. رينجرز ترجمان موجب ايمبولينس مان 12 ڪلو چرس هٿ ڪيو ويو، جوابدار رضوان احمد ۽ محمد سهيل سچل گوٺ مان منشيات سپلاءِ لاءِ کڻي آيا، رينجرز ترجمان چيو ته ايمبولينس مٿان خادمين فائونڊيشن جو نالو لکيل آهي. رينجرز ترجمان موجب جوابدارن ان کان اڳ به ايمبولينس ذريعي شهر جي مختلف علائقن ۾ منشيات جي سپلاءِ جو اعتراف ڪيو آهي، جوابدار محمد رضوان عادي ڏوهاري ۽ ان کان اڳ به منشيات جي اسمگلنگ جي الزام ۾ گرفتار ٿي چڪو آهي.