ڪراچي: عدالت پاران ايس يو پي اڳواڻ زين شاھ کي جيل حوالي ڪرڻ جو حڪم

0
355

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ايس يو پي اڳواڻ ايڪشن ڪاميٽي جو ميمبر سيد زين شاھ اي ٽي سي ڪورٽ ڪلفٽن ڪراچي ۾ ضمانت ڪرائڻ بجاءِ گرفتاري پيش ڪري ڇڏي، ان موقعي تي سيد زين شاهه ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته جڏهن ڪو ڏوھ ڪيو ئي ناهي ته پوءِ ضمانت ڇاجي وٺان ۽ معافي ڇو گھران، هن وڌيڪ چيو ته هاڻ بحريا ٽائون سنڌ حڪومت جي ڳچي ۾ پوندو ۽ اسان سرخرو ٿينداسين. بحريا ٽائون ڪيس، ايس يو پي اڳواڻ زين شاهه اي ٽي سي جي جج آڏو پيش ٿيو، جج زين شاھ کان سوال ڪيو تھ ڇا نالو آھي اوهان جو؟، ڪراچي ۾ ڪٿي رهندا آھيو؟: زين شاھ جواب ڏنو تھ منهنجو نالو زين شاهه آهي ۽ آئون سي ويو اپارٽمينٽ ۾ رهندو آھيان، اڄُ آئون گرفتاري ڏيڻ جي لاءِ آيو آھيان،آئون نوابشاھ ۾ پ پ خلاف چونڊ وڙھندو آھيان، آئون بحريا ٽائون خلاف احتجاج واري ڏينهن اتي ئي موجود هئس ،مونکي رليف نه کپي، اسان جيڪو ڪجهه ڪيو سنڌ جي زمين جي لاءِ ڪيو آھي، مقامي ماڻهن جي تحفظ لاءِ ڪيو آهي، عدالت پاران زين شاھ کي جيل حوالي ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو، جڏھن تھ زين شاھ عدالت ۾ موجود آھي پر ان کي پوليس گرفتار ڪرڻ لاءِ نھ آئي.