ڪجهه ماڻهو جيل مان نڪرڻ لاءِ ۽ ڪجهه ماڻهو جيل کان بچڻ لاءِ اليڪشن وڙهي رهيا آهن: بلاول ڀٽو

0
126

پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ڪجهه ماڻهو جيل مان نڪرڻ لاءِ ۽ ڪجهه ماڻهو جيل کان بچڻ لاءِ اليڪشن وڙهي رهيا آهن، اسان رڳو عوامي مسئلن جي حل لاءِ اليڪشن وڙهي رهيا آهن، چونڊن جو شيڊول اڃا نه آيو آهي، پيپلزپارٽي چونڊن لاءِ تيار آهي

 بلاول ڀٽو زرداري ڪوهاٽ ۾ ورڪرز ڪنونشن کي خطاب ڪندي وڌيڪ چيو ته پيغام ڏنو ويو ته خيبر پختونخواهه ۾ ورڪرز ڪنونشن نه ڪيو، ڇاڪاڻ ته ڪي پي ۾ سيڪيورٽي صورتحال خراب آهي ۽ دهشتگرد آزاد گهمي رهيا آهن

هن چيو ته اسان جواب ڏنو ته پ پ جا جيالا نه ڊڄڻ وارا آهن ۽ نه جهڪڻ وارا آهن، اسان پراڻي سياست کي هميشه لاءِ دفن ڪري ڇڏيو آهي، وقت اچي ويو آهي ته ملڪ جون واڳون نوجوان قيادت سنڀالي، چونڊن ۾ اڪثريت سان ڪامياب ٿينداسين