ڪجهه بي شرم ماڻهو خراب ڪردارن جي آڇ ڪندا آهن: وديا بالن

0
229
ڪجهه بي شرم ماڻهو

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ جي مشهور اداڪارا وديا بالن غير ملڪي ميڊيا کي انٽرويو ۾ ٻڌايو ته هن کي ڪجهه بي شرم ماڻهو خراب ڪردارن جي آڇ ڪندا آهن. وديا بالن انڪشاف ڪيو ته ڪڏهن ڪڏهن فلم ساز مونکي اهڙا ڪردار پيش ڪندا آهن جو جيڪي منهنجي تصور کان به ٻاهر هوندا آهن

اداڪارا ٻڌايو ته ڪيترائي ڀيرا پروڊيوسر مون وٽ اهڙي اسڪرپٽ کڻي ايندا آهن جن جو ڪو مطلب ئي ناهي هوندو. هن وڌيڪ چيو ته ماڻهو ڏاڍا بي شرم آهن، اهي اوهان وٽ هر طرح جي شيءِ کڻي ايندا

انٽرويو دوران اداڪارا وديا بالن چيو ته مان اهو نه ٿي چوان ته مونکي صرف اهم ڪردار ئي ڪرڻا آهن پر مونکي ڪنهن اهڙي ڪردار جي ته آڇ ڪيو جنهن ۾ ڪجهه جان هجي. هن چيو ته 26 سالن جي عمر ۾ فلم انڊسٽريءَ ۾ قدم رکيو، پاڻ کي خوش قسمت سمجهندي آهيان ته ڪيترائي مضبوط ڪردار ادا ڪيا