ڪراچي (نمائندن وٽان) مورو ويجھو يوسي درس ۾ ڪتي نينگري سميت 3 ڄڻن کي ڏاڙھي زخمي ڪري ڇڏيو، متاثرن ۾ اجي ڪمار سندس ڀيڻ ياسمين ابڙو شامل آهن. مٽياري ۾ ڪتن 2 نينگر راڻو باگڙي ۽ دلبر کي ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو. ميروخان ويجهو ڳوٺ نئون ٺارو وڌو ۾ 8 ورهين جي سجاد تونيو کي ڪتي ڏاڙهي زخمي ڪري وڌو، ويڪسين نه ملي. ڇاڇري ويجهو ڳوٺ اوڏاڻي ۾ هڪ ئي ڏينهن ماءُ ڌي سميت هڪ عورت جنهن 24 ورهين گل پري زال فيض محمد ڏوهٽ ۽ ٻارڙي ٻن سالن جي ھاشمان ڌي فيض محمد ۽ 28 ورهين جي بينظير زال راضي کي رولو ڪتن ڏاڙهي رتوت ڪري ڇڏيو، جن کي ڇاڇرو تعلقي اسپتال آڻي کين ويڪسين ڪئي وئي. حيدرآباد جي مختلف علائقن ۾ رولو ڪتن 12 ڏينهن دوران 24 ڄڻن کي ڪتن ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو. مقصودو رند، لنڊو شريف ۽ يوسي شاھ مردان شاھ جي مختلف ڳوٺن ۾محمد صالح بروھي، عبدالحڪيم بروھي، ڊاڪٽر مجيد ڇٽو، قاضي باغ اسٽاپ، ڌڻي بخش ڇٽو، سرفراز لاشاري، شاھ محمد بروهي، ڇٽا اسٽاپ ۾ 30 ڪتن کي زھر ڏئي ماريو ويو.