ٿرڙي محبت (ن پ ا) 5 ڏينهن اڳ ٿرڙي محبت کان ڳوٺ مسو خان جلباڻي ويندڙ عبدالمحيد ۽ شاهد چنجڻي کان جوابدارن ڦر ڪري مزاحمت تي کين زخمي ڪيو هو، ڦر واقعي جي ٿرڙي محبت ٿاڻي تي شاهد چنجڻي جي فرياد تي 4 جوابدارن تي ايف آءِ آر داخل ٿيل هئي، ان حوالي سان پوليس ڪارروائي ڪري ڦر ٿيل موٽر سائيڪل برآمد ڪري هڪ جوابدار سرور کي گرفتار ڪري لاڪ اپ ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته ٻيا جوابدار روپوش ٿي ويا آهن.