لنڊن(انٽريسٽنگ نيوز) برطانيا سان تعلق رکندڙ هڪ نوجوان آرٽسٽ ڪتاب جي ڪناري تي مصوري جي دم ٽوڙيندڙ فن کي ٻيهر جيئاري ڇڏيو،  ميڊيا رپورٽس موجب 24 سالن جو  ميسي ميٽلڊا هونئن ته ڊگهي عرصي کان پينٽنگ ڪري رهيو آهي پر هن ڪتابن جي صفحن جي ڪنارن تي مصوري ڪرڻ جو تجربو ڪورونا لاڪ ڊائون دوران ئي ڪرڻ شروع ڪيو ڇاڪاڻ جو ان وقت ڪافي فارغ وقت هوندو هو. حيرت جوڳي ڳالهه اها آهي ته ميسي ميٽلڊا جو مصوري جي فن ۾ ڪو به استاد ناهي، پر هو هڪ پاڻمراد فنڪار آهي هن 2021 جي آخر ۾ سوشل ميڊيا تي پنهنجي ڪم جون وڊيوز پوسٽ ڪرڻ شروع ڪيون جنهن کيس تڪڙو شهرت جي بلندين تائين پهچايو. هن جي ٽڪ ٽاڪ وڊيوز کي لکين ويوز ملن ٿا جڏهن کان  دنيا جي ناليوارن نيوز چينلن طرفان ان کي انٽرويو لاءِ گهرايو ويو آهي تڌهن کان هن بس اهو مصوري وارو پيشو اختيار ڪندو پيو اچي، هن وقت صرف انسٽگرام تي ان جا 5 لک کان وڌيڪ مداح آهن.