ٽنڊو رحيم خان (ن پ ا) ٽنڊو رحيم خان سميت ڪاڇي جي برساتن کانپوءِ پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو، چئن يونين ڪائونسلز جو شهرن سان زميني رستو 15 هين ڏينهن به بحال نه ٿي سگهيو سرڪار ۽ انتظاميا جي مسلسل لاتعلقي سبب علائقي واسي خانگي ٻيڙي سوار ۽ پلن تي گارڊر رکي گاڏيون ٽپائي ڏيندڙن هٿان ڦُرجڻ لڳا، علائقي واسين مطابق چند فوٽن جي لڳل گهارن جي ڀرائي نه ٿيڻ سبب انتهائي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻ تي مجبور آهيون ۽ شهرن ڏانهن وڃڻ لاءِ ٻيڙين وارن هٿان ۽ پُل تي گارڊر رکي گاڏيون ڪراس ڪرائيندڙ چند وٽن جا 8 سئو کان هزار رپيا وٺن ٿا. جڏهن ته بيمار ۽ مريض ماڻهن کي اهڙي حالت ۾ شهرن تائين پهچائي نه ٿا سگهون، علائقي واسين چونڊيل نمائندن ۽ ضلعي انتظاميا کان گهر ڪندي چيو ته جلد کان رستي جي بحالي لاءِ اپاءَ وٺي هزارين ڪاڇي واسين کي دربدري کان بچايو وڃي.