ڪاڇي ۾ بجليءَ جون تارون، پول ۽ ٽرانسفارمر چوري

0
248

ڪاڇي ۾ سيپڪو عملدارن جي ملي ڀڳت سان بجليءَ جون تارون، پول ۽ ٽرانسفارمر چوري ڪندڙ گينگ سرگرم آهي

ڪاڇي جي 50 کان وڌيڪ ڳوٺن جون بجليءَ جون تارون، کنڀا ۽ ٽرانسفارمر چوري ٿيڻ سبب سوين ڳوٺ بجليءَ کان محروم آهن

 ٽنڊو رحيم، گاجي شاهه، کنڌاني شاهسڻ، آچر گبول، ساوڙو ۽ ٻين علائقن ۾ 20 ڪلوميٽرز تائين لڳل بجليءَ جون تارون چوري ڪيون ويون

 متاثر علائقن جي رهواسين جو چوڻ آهي ته بجلي بند هئڻ سبب سوين ڳوٺن لاءِ پاڻيءَ جو اسڪيمون به بند ٿي ويون آهن

ڳوٺاڻن موجب بجليءَ جون تارون، کنڀا ۽ ٽرانسفارمر چوري ڪندڙ گينگ خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي