ڪاپي ڪلچر جا سبب ۽ ان جي خاتمي لاءِ تجويزون

0
31
ڪاپي ڪلچر جا سبب ۽ ان جي خاتمي لاءِ تجويزون

  عام طور تي اهو چوڻي مشهور آهي ته جنهن به قوم کي تباھ ڪرڻو هجي ته کانئن صرف تعليم کسي ڇڏيو ته اها قوم پاڻهي تباھ ٿي ويندي. اها بلڪل هڪ حقيقت آهي. جڏهن جاپان تي ٻي جنگ عظيم ۾ ايٽم بم ڪيرائي اتحادي ملڪن تباھ ڪري ڇڏيو ۽ پوءِ کانئن بحالي لاءَ سوال پڇيو ويو ته، “اسان اوهان جي بحالي لاءِ، اوهان جي ڪهڙي مدد ڪري سگهون ٿا؟ جاپانين تعليم جي چونڊ ڪئي ۽ اتحادي ملڪن کي چيو ته اسان کي اهڙا استاد ڏنا وڃن، جيڪي اسان جي تعليم جي نظام کي بحال ڪن. دنيا ڏٺو ته جاپان وارن تعليم تي توجهه ڏنو، اڄ انهن جو شمار دنيا جي ترقي يافته قومن ۾ ٿئي ٿو. اسان ان جي ابتڙ تعليم تي ڪوبه توجهه نه ڏنو جو اڄ اسان جي اڪثريت گريجوئيٽ نوجوانن کي درخواست به لکڻ نه ٿي اچي.

امتحانن جي دوران ڪاپي ڪرڻ ۽ ڪرائڻ اسان جي معاشري ۾ هڪ ناسور بڻجي چڪو آهي. هن سال جي امتحاني موسم پنهنجي عروج تي آهي پر هن ڀيري به انتظاميا ڪاپي کي روڪڻ ۾ ڪامياب نه ٿي سگهي آهي. اها هڪڙي حقيقت آهي ته جيستائين اسان جو تعليمي نظام تبديل نه ٿيندو ۽ اسان خاص طور تي ڪاپي ڪلچر جو خاتمو نه آڻينداسين، تيستائين، اسان وٽ سکڻيون ڊگريون ته هونديون پر اهي مهارتون، اهو علم نه هوندو، جنهن وسيلي اسان جا شاگرد دنيا سان گڏ ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي اڳتي وڌي سگهن. شاگرد امتحانن ۾ ڪاپي ڇو ٿو ڪري ۽ ان کي اسان ڪيئن روڪي سگهون ٿا؟ انهي جا ڪجھ سبب هي آھن:

ناقص شروعاتي تعليم:

پرائمري تعليم ڪنهن به ٻار جي سموري تعليمي سفر ۾ بنيادي حيثيت رکي ٿي پر اسان وٽ اها مڪمل طور تباهه حال آهي. پنجين درجي تائين جي ٻار کي پنجين درجي تائين جِي تعليم نٿي ڏني وڃي. انگريزي ٻولي هاڻي پهرئين درجي کان شامل ڪئي وئي آهي پر ڪيترائي اسڪول آهن، جن ۾ استاد پراڻي وقت جا ڀرتي ٿيل هجڻ ڪري اهي پڙهائي ئي نٿا سگهن ۽ نوان استاد سواءِ چند کي ڇڏي باقي به خاص ٻوٽو نه ٻاري سگهيا آھن، نون استادن ۾ اڪثريت انجنيئرن جي آئي آھي، اهي هن سروس کي عارضي سمجهي ڪو خاص توجهه نه ڏئي رهيا آھن، جڏهن ته ڪجھ استاد محنت ڪري رهيا آھن، انهن کي مئٽرڪ تائين اچڻ ۾ وقت کپي. نتيجي ۾ اهڙو ٻار جڏهن ڇهين درجي ۾ پهچي ٿو ته اهو انگريزي پڙهي ئي ڪونه ٿو سگهي. ساڳئي نموني رياضي ۾ به وڌ ۾ وڌ جوڙ، ڪٽ، ونڊ ۽ ضرب سيکاريا ٿا وڃن، جيڪي ته اڻپڙهيل به ڄاڻي ٿو پر جاميٽري توڙي ٻيِن مهارتن بابت ڄاڻ ئي نٿي ڏني وڃي. اهڙي ريت اهي اڌ پڙهيا ٻار، اسڪول مان بيزار رهندا آهن ۽ پڙهائي مان بدظن ٿي ويندا آهن. هڪ اهم مسئلو هي به آهي ته اسان وٽ ٻار کي فيل ڪرڻ جي گنجائش ئي ناهي، کڻي ٻار کي پنهنجو نالو به لکڻ نه ايندو هجي پر اهو پاس ڪرڻو ئي آهي ۽ ساڳئي نموني ڇهين درجي جي داخلا جي لاءِ به ڪا ٽيسٽ نٿي ورتي وڃي. ذهن ۾ کڻي ڪجهه به نه هجي پر جيڪڏهن هٿ ۾ پنجين پاس جو سرٽيفيڪيٽ موجود آهي ته پوءِ ان کي هر صورت ۾ داخل ڪرڻو ئي پوندو آهي. اهڙا ٻار اٺين درجي تائين ته ائين ئي پاس ٿيندا ويندا آهن پر بورڊ جي امتحانن ۾ ڪاپي ڪرڻ کان سواءِ وٽن ڪو به چارو نه هوندو آهي، انهيءَ کان علاوه ڪافي ٻار مدرسن ۾ داخل هوندا آھن، اهي صرف فارم ڀرڻ ۽ امتحان واري ڏينهن ئي اچي ظاهر ٿيندا آھن.

والدين جي پاران توجهه نه ڏيڻ؛

والدين ٻارن تي ڪو به ڌيان نه ڏيندا آهن. خاص طور تي گورنمنٽ جي اسڪولن ۾ داخل ٻارن جا والدين ته پوري ريت پنهنجي ٻار جي پڙهائي کان اڻواقف هوندا آهن. انهن کي اها خبر به نه هوندي آهي ته سندن ٻار اسڪول وڃي به ٿو يا نه؟ استاد کيس پڙهائين به ٿا يا نه؟ سندس ٻار جن استادن وٽ اڌ ڏينهن گذاري ٿو، تن جو ڪم ۽ ڪردار ڪهڙو آهي؟ اسڪول ۾ ڪهڙيون سهولتون آهن؟ ڪهڙا مسئلا آهن؟ اهڙا نڌڻڪا ٻار به امتحانن ۾ ڪاپي جو ئي سهارو وٺندا آهن..

ڪاپي ڪلچر کي روڪڻ جي لاءِ ڪجهه تجويزون:

* پرائمري ۽ ايليمنٽري تعليم تي خاص ڌيان ڏنو وڃي ۽ انهن امتحانن ۾ ڪاپي مڪمل بند ڪئي وڃي.

* اسڪولن کي بنيادي سهولتون مهيا ڪري عملي کان ڪم ورتو وڃي.

* اسڪيم آف اسٽڊيز کي لاڳو ڪري هر مهيني اسڪولن جي ڪارڪردگي معلوم ڪئي وڃي.

* تعلقي ۽ ضلعي جي آفيسرن کي پابند ڪيو وڃي ته اهي پنهنجون آفيسون ڇڏي ٻاهر نڪرن ۽ روز جي بنياد تي اسڪولن کي وزٽ ڪري اعليٰ اختيارين کي رپوررٽ ڏين.

* انصاف جي بنياد تي سزا ۽ جزا جو عمل اسڪولن ۾ لاڳو ڪيو وڃي.

* اسڪول جي هيڊ ماسٽر کي اختيار ڏنا وڃن.

* ڇهين درجي ۾ داخلا لاءِ شفاف ٽيسٽ جو انعقاد ڪيو وڃي.

* شاگردن جي حاضري کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ اسڪولن ۾ شاگردن جي لاءِ به بائيوميٽرڪ سسٽم لاڳو ڪيو وڃي ۽ 75 سيڪڙو حاضر رهندڙ شاگردن کي ئي امتحانن ۾ ويهاريو وڃي.

* بورڊ ۾ مارڪن جو وڪرو بند ڪري ڪرپشن کي ختم ڪيو وڃي.

* امتحاني مرڪزن تي سي سي ٽي وي ڪئميرائون لڳايون وڃن.

* يونيورسٽي جي پري انٽري ٽيسٽ کي CPN کان آزاد ڪيو وڃي ته بورڊ جي بازار ئي بند ٿي ويندي.

* نئين نصاب سان هم آهنگ ڪرڻ جي لاءِ استادن کي تربيت ڏني وڃي. هر سال گرمي جي موڪلن ۾ استادن جي ترتيب هجڻ گهرجي.

* والدين کي اسڪول ۽ استاد سان جوڙڻ جي لاءِ ڪوششون ورتيون وڃن.

* سالياني امتحان جي بجاءِ سيمسٽر سسٽم لاڳو ڪيو وڃي.

حڪومت، والدين،استاد ۽ سول سوسائٽي انهيءَ ناسور مان جند ڇڏائڻ جي لاءِ رڳو ڳالهيون نه پر نيڪ نيتي سان عمل به ڪن ته اسان ڪاپي تي ضابطو آڻي سگهون ٿا.

[email protected]