ڪاپي، قلم ۽ ڪتاب

0
10
ڪاپي، قلم ۽ ڪتاب

تعليم، تحقيق ۽ ترقي جو سڱ سياپو اھڙو آھي جو ھنن مان ڪابہ ھڪ شئي صرف پاڻ تائين محدود ناھي. تعليم ۽ تحقيق جيڪڏھن ھڪٻئي جي لاءِ اڻٽر آھن تہ تحقيق ۽ ترقي بہ ھڪٻئي جي لاءِ اڻٽر آھن. سٺي ۽ معياري تعليم تحقيق ڪرڻ کان بغير نٿي ڏئي سگھجي ۽ تحقيق ڪرڻ کانسواءِ اسان وٽ پائيدار ترقي جو خواب ڏسڻ: وقت، توانائي ۽، ڏوڪڙ کي زيان ڪرڻ جي برابر آھي. صدين کان دنيا جا ڏاھا، فيلسوف، عالم، اڪابر، مدبر، سياستدان، استاد ۽ ادارا تعليم، تحقيق ۽ ترقي تي ڪم ڪري رھيا آھن ۽، اسان کي نين شين، نون علمن سان ڄاڻ سڃاڻ ڪرائڻ سان گڏ پائيدار ترقي جي ذريعي اسان سڀني جي زندگين ۾ آسانيون بہ پيدا ڪري رھيا آھن. اسان پنھنجي ھنن ڪالمن ذريعي ڪوشش ڪندا آھيون تہ توھان کي ڪجھ اھڙين شين جي باري ۾ ٻڌايون جن کان ممڪن آھي تہ توھان باخبر ھجو پر، انھن جي اھميت، افاديت ۽ عملدرآمدي کان ڪن لاٽار ڪرڻ بہ اسان ۽ توھان جي عام عادتن ۾ شامل آھي؛ جيڪا ھڪ حقيقت آھي. تعليم لاءِ: “تحقيق ۽ ترقي” ۽؛ تحقيق ۽ ترقي لاءِ: “تعليم” ڇو ضروري آھي ھن تي اسان اڳ ۾ بہ توھان کي آگاھي ڏئي چڪا آھيون پر، ھي موضوع اھڙو آھي جنھن تي جيترو ڪم ڪجي ۽ لکجي گھٽ آھي. تعليم، تحقيق ۽ ترقي وانگي “ڪاپي، قلم ۽ ڪتاب” جو رشتو بہ ھڪ فرد جي زندگي کي چار چنڊ لڳائي ڇڏي ٿو. ڪاپي: ڪاپي مان مراد اھي نوٽ بوڪس آھن جن کي ٻار پنھنجي استادن جي مدد سان پھريان رف بڪ ۽ بعد ۾ فيئر بڪس جي صورت ۾ تيار ڪن ٿا. قلم: قلم مان مراد اھو آلو / اوزار جنھن جي مدد سان اسان جا استاد، اسان کي پھريان اکر، بعد ۾ لفظ ۽، ان کانپوءِ جملا، عبارتون ۽ مضمون لکڻ سيکاريندا آھن. قلم ئي آھي جنھن لاءِ مشھور آھي تہ اھو ڪنھن ليکڪ جي سگھ ھوندو آھي ۽، وقت جو حڪمران بہ جيڪڏھن ٻئي کان ڊڄي نہ ڊڄي پر، قلم جي طاقت کان ڊڄي ضرور ٿو. ڪتاب: ڪتاب درسي ھجن تہ اسان کي مٿي کڻڻ ۾ اسان جي مدد ڪن ٿا ۽، اسان جي زندگين ۾ نمايان تبديليون آڻين ٿا. ڪتاب تاريخي ھجن تہ اھي اسان کي، اسان جي ماضي جي باري ۾ ٻڌائين ٿا. ڪتاب علمي ۽ ادبي ھجن تہ اھي اسان کي شعور، آگاھي، ڄاڻ، علم، عقل، ڏاھپ ۽، نظريي سان اسان جي واقفيت تہ ڪرائين ئي ڪرائين ٿا پر، جيڪڏھن دوستي بہ ڪرائين ٿا تہ اھا دوستي بہ پھرين پيار وانگي ۽، وڏي عمر ۾ ڪنھنجي زندگي ۾ داخل ٿيڻ جھڙي ھجي ٿي. ڪاپي، قلم ۽ ڪتاب جو ھڪ فرد جي تعليم، ۽ ان جي شخصي سنوار سان گھرو ڳانڊاپو آھي.

تعليم، تحقيق ۽ ترقي جي لاءِ مشھور آھي تہ اھي ڇاجي لاءِ آھن؟ ڪنھنجي لاءِ آھن؟ ۽، ڇو ضروري آھن ؟ ھنن ٽنھي جا آخر ڪھڙا ڪھڙا فائدا ۽ ڪيترا مقصد ٿي سگھن ٿا. تعليم، تحقيق ۽ ترقي جا ماھر ۽ ڄاڻون تعليم، تحقيق ۽ ترقي جا جيڪڏھن سوين ھزارين مقصد بہ بيان ڪن ٿا تڏھن بہ اھي انھن سڀني کي گڏي چئن زمرن ۾ ورھائين ٿا. ھڪ: فرد جي دانشوراڻي اوسر. ٻيون: فرد جي انفرادي اوسر. ٽيون: فرد جي سماجي اوسر. چوٿون: فرد جي معاشي اوسر. فرد جي دانشوارڻي اوسر: تعليم پرائڻ جا جتي انيڪ قسم جا مقصد آھن اتي تعليم جو ھي مقصد بہ آھي تہ ڪوشش ڪجي تہ ٻارن جي پنھنجي مضمون (سبجيڪٽ) ۾ مھارت کي وڌائڻ تي گھڻو زور ڏجي. تعليم ئي ڪنھن فرد جي ڄاڻ ۾ اضافو ڪري ٿي. ھن جي صلاحيتن ۾ نکار آڻي ٿي. صلاحيتون وري ٻار کي مضمون تي گرفت رکڻ ۾ مدد ڪن ٿيون. ڄاڻ يعني دانشوارڻي اوسر کي مٿي کڻڻ جي لاءِ بنياد کان ئي بنيادي مضمونن جي ذريعي ڪم ڪرڻ گھرجي. ائين ڪرڻ سان ٻار تنقيدي سوچ، مسئلن کي پاڻ حل ڪرڻ ۽ مشڪل کام مشڪل شين کي سمجھڻ جي قابل بڻجي ويندا. فرد جي انفرادي اوسر: ماھرن جي مطابق شخصي ۽ انفرادي اوسر جا ڪيترائي پاسا آھن ۽، بقول ھنن جي تہ اھا ڪتابن ۽ امتحانن کان بہ ڪجھ مٿڀري ھجي ٿي. شخصي اوسر جو مطلب آھي پنھنجو پاڻ سڃاڻڻ ٻين لفظن ۾ پنھنجي صلاحيتن مان ڀرپور فائدا حاصل ڪرڻ ۽، اڻاين تي ضابطو آڻڻ. پاڻ ۾ خواعتمادي پيدا ڪرڻ، سھڻي نموني سان گفتگو ڪرڻ، سماج سان بھتر نموني سان پيش اچڻ ۽، احساسِ ذميداري سان پنھنجن فرضن جي بجاآوري ڪرڻ. انفرادي اوسر ٻار ۾ سکڻ جي لاءِ اڻ تڻ پيدا ڪري ٿي. ڄاڻ کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ اتساھي ٿي ۽ جسماني طرح سان ڦڙتيلو رکڻ جي لاءِ، پاڻ جيڏن سان چٽاڀيتيون ڪرڻ، غير نصابي سرگرمين حصو وٺڻ، بين الڪلاس ۽ بين الاسڪول راندين جي مقابلن ۾ بھرو وٺڻ جي لاءِ تيار ڪري ٿي. فرد جي سماجي اوسر: ھن ڳالھ کان ڪير انڪار ڪندو تہ سماجي اوسر اسان جي زندگين ۾ بنيادي جاءِ والاري ٿي. ۽ اسان ھي بہ ڄاڻون ٿا تہ تعليم ھڪ فرد کي معاشري جي بھتري جي لاءِ ڪم ڪرڻ جي لاءِ تيار بہ ڪري ٿي. سماجي اوسر اسان کي سيکاري ٿي تہ، ٻين سان ڪيئن لھ وچڙ ۾ اچجي. معاشري ۾ رھندي تنوع جو احترام ڪيئن ڪجي. شھري ۽ ٻھراڙي زندگي جي فرق کي سمجھي ڪيئن اڳتي وڌجي. سماجي اوسر تقرير، تحرير کي سيکارڻ سان گڏ انھن ۾ پنھنجن جذبن ۽ احساسن کي ڪيئن ترتيب ڏجي اھو پڻ سيکاري ٿي. نہ صرف ھي پر قيادت ڪرڻ، رھنمائي ڪرڻ ۽ مسئلن تي قابو پائڻ پڻ سيکاري ٿي. ٻار جيڪي پروجيڪٽن، راندين، سھڪار، مددن، تقريرن ۽ تحريرن ۾ ڀرپور حصو وٺن ٿا اھي سدائين اڳيان ڳيان رھن ٿا. انھي ڪري سماجي اوسر تي وڌ ۾ وڌ ڌيان ڏيڻ گھرجي.

فرد جي معاشي اوسر: تعليم ھڪ فرد کي اڳ ۾ بنيادي (درساڻي) ۽، بعد ۾ گھربل ڄاڻ (ڪيرئير / روزگار) سان ليس ڪري ٿي. اھو انھي ڪري تہ جيئن اھو فرد درساڻي تعليم جي ذريعي پيشوارڻي تعليم واري رستي تي اچي وڃي ۽ پيشوراني تعليم جي مدد سان ملڪ جي افرادي قوت ۾ شامل ٿي ملڪ جي خوشحالي ۽ ترقي ۾ پنھنجو ڀرپور معاشي ڪردار نڀائي سگھي. معاشي اوسر نہ صرف ھن جي شخصيت جو قد ڪاٺ وڌائي ٿي پر، ھن کي معاشري ۾ حقيقت پسند ٿيڻ ڏانھن بہ موھي ٿي. تعليم صرف سٺي زندگي کي بھتر گذارڻ جو نالو ناھي پر اھا ھڪ انسان جي ورتاءُ ۾ تبديلي جو وکر پڻ آھي. تعليم سان جڏھن معاشي سرگرمي کي سلھاڙجي ٿو تہ زندگي سٺي گذارڻ ۽ ورتاءُ ۾ تبديلي آڻڻ وارو ڪم تڪڙو ٿي وڇي ٿو. معاشي اوسر ۾ جيڪي سبق شامل آھن انھن جو تعلق بہ عملي زندگي سان ئي آھي. معاشي سرگرمي فرد کي اڳتي وڌڻ ۾، پنھنجي شعبي ۽ پيشي ۾ وڌيڪ مھارتون حاصل ڪرڻ ۾ تمام گھڻي مددگار ھجي ٿي. ياد رکڻ گھرجي تہ  معاشيات صرف ملڪن ۽ خطن جو وڏو مسئلو نہ پر، اھا فردن ۽ ادارن جي لاءِ بہ ھڪ ڳوڙھو مسئلو ھجي ٿي. ڪوبہ فرد جڏھن پنھنجي ٻاراڻي وحي مان نڪري ٿو ۽، جڏھن ھن جي ذھني پختگي ۾ اصافو ٿيندو رھي ٿو تہ ان جي پويان ھنن چئن زمرن وارين خاصيتن جو وڏو عمل دخل آھي. ۽ اھي چارئي خاصيتون وري ان ٻار ۾ تعليم، ۽ تربيت جي ذريعي اچن ٿيون. تعليم ڏيڻ تہ استادن جو ڪم آھي پر، تربيت مڪمل طور تي ٻار جي گھر وارن خاص طور تي ھن جي پيءُ ۽ ماءُ جي اھم ذميداري ھجي ٿي. ۽ ھا ھڪ ڳالھ کي ڪڏھن بہ نہ وسارڻ گھرجي تہ ھڪ ٻار، ھڪ فرد، ھڪ اداري ۽ ھڪ معاشري جي اوسر ۾ ڪاپي (ڄاڻ، دانش)، قلم (تحرير ۽ تقرير ) ۽ ڪتاب (تعليم، تحقيق ۽ ترقي) جو وڏو ڪردار ھجي ٿو. ھنن سڀني جي پويان وري جيڪا سگھ ۽ طاقت يا جادو آھي انھن ۾ شامل آھن سڀ کان اول ٻار جا ماءُ پيءُ، بعد ۾ تعليمي ۽ تحقيقي ادارا ۽ آخر ۾ ھڪ بھترين پر، باشعور استاد جي ڪردار کي بہ نظر انداز نٿو ڪري سگھجي. اسان وٽ امن جي لاءِ ھڪ عجيب ۽ غريب نعرو: “ھٿيار امن لاءِ”  مشھور آھي. امن ھٿيارن جي ذريعي يا ان جي وڪري سان نہ پر، تعليم يعني ڪاپي، قلم ۽ ڪتاب جي ذريعي سان ئي ايندو. تعليم، تحقيق ۽ ترقي جي زريعي سان ايندو. وڏي ڳالھ تہ ھنن شين کي ساڻ رکڻ ۽ حاصل ڪرڻ سان گڏ پنھنجي سوچ، عمل ۽ ورتاءُ ۾ تبديلي آڻڻ سان ايندو. سو ضروري آھي تہ ڪاپي، قلم ۽ ڪتاب جي اھميت کي سمجھو.