ڪانريڊ ٽربل آمريڪي قونصل خاني ڪراچي ۾ نئين قونصل جنرل جي حيثيت ۾ زميواريون سنڀالي ورتيون

0
140
ڪانريڊ ٽربل آمريڪي قونصل خاني ڪراچي ۾ نئين قونصل جنرل جي حيثيت ۾ زميواريون سنڀالي ورتيون
ڪانريڊ ٽربل آمريڪي قونصل خاني ڪراچي ۾ نئين قونصل جنرل جي حيثيت ۾ زميواريون سنڀالي ورتيون

ڪراچي: ڪانريڊ ٽربل21 آگسٽ 2023ع تي ڪراچي ۾ آمريڪي قونصل خاني جي قونصل جنرل طور ذميواريون سنڀالي ورتيون. هُن تازو آمريڪي مشن جي نائب سربراهه ۽ 2020ع کان 2023ع تائين ميڊرڊ، اسپين ۾ ناظم الامور طور خدمتون انجام ڏنيون

ڪانريڊ ٽربلميڊرڊ کان اڳ واشنگٽن ۾ اولهه يورپ ۽ يورپي يونين لاءِ 3 سالن تائين پرڏيهي وزارت جي نائب معاون جي حيثيت سان ڪم ڪيو، جڏهن ته هڪ سال تائين فارين سروس انسٽيٽيوٽ ۾ سفارتي مهارتن جي سکيا واري اسڪول جو سربراهه رهيو ۽ آمريڪا جي جرمن مارشل فنڊ ۾ هڪ سال تائين سينيئر ميمبر جي حيثيت سان خدمتون نڀايون

سن 2012ع کان 2015ع تائين، ڪانريڊ ٽربل ڪيوبا جي راڄڌاني هوانا ۾ آمريڪي مشن جي نائب سربراهه جي حيثيت ۾ آمريڪا ۽ ڪيوبار وچ ۾ سفارتي لاڳاپا بحال ڪرڻ سوڌو هوانا ۾ آمريڪي سفارتخانو ٻيهر کولرائڻ لاءِ به اهم ڪردار ادا ڪيو

اُن کان پهرين هُن سينٽياگو، پورٽوپرنس ۽ بغداد ۾ سفارتي ذميواريون نڀايون، اُن کانسواءِ جرمني ۾ 2 دور به گذاريا، هڪ ڀيري بون ۾ جرمن پرڏيهي کاتي ۾ مٽاسٽا جي سفارتڪار سان لاڳاپيل رھيا ۽ ٻئين ڀيري 3 سال ساندهه ميونخ ۾ قونصل جنرل طور گذاريائون

ڪانريڊ ٽربل واشنگٽن ڊي سي ۾ ڪيترن ئي اعليٰ عهدن تي پڻ پنهنجون خدمتون انجام ڏيئي چڪا آهن

 ڪانريڊ ٽربل ڪيليفورنيا جي شهرلاس اينجلس ۾ ننڍپڻ گذاريو، سندس وني ڪرسٽينا ٽربل جيڪا پڻ هڪ سفارتڪار آھي، کين چار ٻارآهن. ڪانريڊ ٽربل لويولا ميري مائونٽ يونيورسٽي مان تاريخ جي شعبي ۾ بيچلرجي ڊگري، ڏکڻ ڪيليفورنيا يونيورسٽي مان عالمي لاڳاپن جي شعبي ۾ ماسٽرز ۽ يو ايس نيشنل وارڪاليج مان قومي سلامتي جي مطالعي ۾ ماسٽرز جي ڊگري حاصل ڪئي اٿن

ڪانريڊ ٽربل پرڏيهي مامرن ۾ پير پائڻ کان پهرين اڪسچينج شاگرد طور جرمني ۾ پڙھيو ۽ ھنڊوراس ۾ رضاڪاراستاد طور ڪم ڪيائين. کيس اندلسي، جرمني، فرانسيسي ۽ هيشنڪريئول ٻولين تي دسترس آهي. پوري زندگي شوقيه گلوڪاري ڪندڙ ڪانريڊ ٽربل نيشنل اڪيڊمي آف رڪارڊنگ آرٽس اينڊ سائنسز (گريمي ائسوسيئيشن) جو اڳوڻو ميمبر به رهيو آهي. کيس راندين سان بيحد لڳاءُ آھي ۽ ڪرڪيٽ راند به سکڻ جي ڪري رھيو آهي. جڏهن ته بيس بال، باسڪيٽ بال ۽ ساڪرجو ڀلوڙ رانديگر آهي

ڪراچي ۾ آمريڪي قونصل جنرل جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ هو پاڪستان جي عوام سان گڏ ٻنهي ملڪن وچ ۾ سفارتي لاڳاپن کي 76 سال پورا ٿيڻ جي خوشي ملهائيندو. جڏهن ته معاشي سيڙپڪاري، واپاري سهڪار ۽ سبز اتحاد فريم ورڪ وسيلي ٻنهي ملڪن ۾ ڀائيواري وڌائڻ واري گڏيل مقصد کي پورو ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو، جنهن سان ٻنهي ملڪن سان گڏ خطي کي فائدو ٿيندو