ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت پاران 19هين گريڊ جي ڪامورن جون بدليون بدين ۾ نئون ڊپٽي ڪمشنر مقرر، ان حوالي سان سروسز کاتي پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب 19هين گريڊ جي ياسر ڀٽي کي ڊپٽي ڪمشنر بدين مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته حشام مظهر کي ٽاسڪ فورس سيڪريٽريٽ  ۾ پروگرام ڪوآرڊينيٽر ،  پوسٽنگ جي انتظار ۾ ويٺل 19هين گريڊ جي محبوب سيال کي توانائي، سهيل انور بلوچ ۽ ابرار جعفر کي يونيورسٽيز اينڊ بورڊز، شاهزيب شيخ کي صنعتن  ۽ شبانه ڪوثر کي قانون کاتي ۾ ۾ ايڊيشنل سيڪريٽري، اسد الله ڀٽي کي ليبر ۽ مختيار علي کي بحالي کاتي جي موبائل هيلٿ ڪيئر يونٽ جو پراجيڪٽ ڊائريڪٽر مقرر ڪيو ويو .