ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي کي ورسي تي ڀيٽا

0
347
ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي کي ورسي تي ڀيٽا

ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي کي ورسي جي موقعي تي ڀيٽا پيش ڪئي وئي، سوشل ميڊيا تي سندس تصويرون پڻ شيئر ڪيون ويون، ان سلسلي ۾ مراد پندراڻي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي سدائين مذهب، رنگ، نسل ۽ طبقاتي فرق کان مٿانهون ٿي ڪري عملي زندگي گذارڻ کي ترجيح ڏني، سرخ سلام ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي، جنهن تي خان غفار خان لکيو ته لال سلام ڪامريڊ سوڀو، انور پنهور لکيو ته ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي جي انقلابي جدوجهد کي سرخ سلام پيش ڪجي ٿو.

امر فياض پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته Man from Moen jo Daro ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي کي سندس ستين ورسي تي سرخ سلام پيش ڪجي ٿو، جنهن تي حريف چانڊيو لکيو ته عظيم ماڻهو هو، شانل کوسو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ڪامريڊ سوڀي مظلوم ماڻهن، مظلوم قومن، مظلوم طبقن جي حقن لاءِ سڄي زندگي ثابت قدمي سان ارپي ڇڏي ۽ زندگي جي هر موڙ تي پيش ايندڙ تڪليفن جو تمام بهادري سان منهن ڏنو، پنهنجي فڪر ۽ نظريي سان سچائي واري واٽ هلندي ايندڙ نسل لاءِ مشعل راهه ڇڏي ويو، سنڌ اندر ڪامريڊ سوڀي جهڙا انمول هيرا صدين پڄاڻا به  شايد پيدا ٿين، سرخ سلام ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي.