ڪاري پاڻيءَ جا قيدي

0
351

ملڪن تي قبضو ڪري اتي جي عوام کي ڪنٽرول ۾ رکڻ لاءِ انگريزن ٻه خاص طريقا اختيار ڪيا هئا. هڪ ته پهرين جي راجائن، نوابن ۽ سردارن وغيره کي انهن ئي عهدن تي رکيو ٿي ويو،  ان شرط تي ته هو انگريزن سان وفادار ٿي هلندا ۽ پنهنجي راڄ رعيت کي ڪنٽرول ۾ رکندا. جن انگريزن جو چيو مڃيو ٿي انهن کي زمينون، خلعتون ۽ خطاب ڏئي اڃان وڌيڪ خوش ڪيو ٿي ويو، جن انگريزن جي خلاف بغاوت يا ٺلهو خيالن جوا ظهار به ڪيو ٿي ته انهن کي ختم ڪيو ٿي  ويو يا ان جي ئي مائٽن ۽ علائقن مان ڪنهن ٻئي کي جيڪو وفادار لڳو ٿي ان کي نواب، راجا، سلطان، چوڌري وڏيرو بڻايو ٿي ويو.

ان کان علاوه انگريزن جتي ڪٿي مضبوط قسم جا جيل ٺاهيا ، جتي ڏوهارين توڙي باغي سياستدانن جي عمر ڳاري ويندي هئي . ڪوشش ڪري خطرناڪ ڏوهارين کي ڏيهه نيڪالي ڏئي ڪنهن ڏورانهين جيل ۾ رکيو ويندو هو، جتي هن جا همدرد يا ساٿي نه هجن ۽ نه هنن کي ڀڄڻ لاءِ واهه ملي سگھي. انڊيا ۾ جن سياستدانن انگريز راڄ خلاف ماڻهن کي ڀڙڪايو پئي انهن کي ملايا موڪليو ويندو هو، جتي پڻ انگريز راڄ هو، جتي پينانگ ۾ يا گھڻو ڪري سنگاپور واري هن آئوٽرام روڊ واري جيل ۾ رکيو ويندو هو. بعد ۾ 1857ع واري بغاوت بعد بهادر شاهه ظفر مغل بادشاهه جي انهن مائٽن ۽ ساٿين، جن مغل حڪومت سان همدردي ڪئي هئي، انهن کي انڊامان ۽ نڪوبار ٻيٽن تي موڪليو  ٿي ويو. هي ٻيٽ انڊونيشيا ڏي ويندي آچيح بندرگاهه کان 150 ڪلوميٽر پهرين اچن ٿا، جن جو ذڪر مارڪوپولو به پنهنجي سفرنامي ۾ ڪيو آهي. بعد ۾ 1896ع ڌاري هتي ننڍين کولين وارو هڪ وڏو قيد خانو ٺاهيو ويو، جيڪو اڄ تائين Cellular jail  جي نالي سان مشهور آهي. هي جيل هنن ٻيٽن جي گادي واري ۽ وڏي شهر پورٽ بليئر ۾ آهي، جتي هر قيديءَ کي الڳ الڳ ڪوٺيءَ ۾ اڪيلو رکيو ويندو هو . جبل جي هر کوليءَ جي ڊيگهه 15 فوٽ ۽ ويڪر 9 فوٽ هئي، جنهن ۾ روشني يا هوا لاءِ هڪ ننڍڙو سِرَ جيڏو روشن دان 10 فوٽ مٿي ٺاهيل هو. چون ٿا ته هن ۾ 80 هزار کن سياسي قيدي رکيا ويا، جن مان ڪي تمام ٿورا بچي سگھيا. انگريزن جو ٺهرايل هي قيدخانو “ڪارو پاڻي” سڏيو ويندو هو ۽ هن لاءِ مشهور هو ته هن ۾ جيڪو ويو اهو وري نه موٽيو. اهو ان ڪري جو جيل جي ڪمرن مان ڀڄڻ مشڪل ڪم هو. جيڪڏهن ڪنهن جيل جي پورهئي دوران ڀڄڻ جي ڪئي به ٿي ته چوڌاري سوين ميل سمنڊ هجڻ ڪري هن کي ڪا سواري (ٻيڙي) ملڻ مشڪل هئي. ان کان علاوه هنن علائقن ۾ جھنگلي ماڻهو رهندا هئا جيڪي آدم خور مشهور هئا. جيڪڏهن ڪو قيدي انهن جي ور چڙهي ويندو هو ته اهي  کيس کائي ڇڏيندا هئا . ننڍي کنڊ مان جيڪي سياستدان ڪاري پاڻي واري جيل ڏي موڪليا ويا انهن ۾ ڪجھه مشهور هي به هئا.

بنگال جو باتو ڪيشوردت

بهار جو يوگيندر شڪلا

ويانڪ دموردر ساورڪر- موهٺو

فضل الحق خير آبادي

سوهن سنگهه ۽  ڀائي پرمانند وغيره .

ڪاري پاڻيءَ جي سزا ۾ سنڌ جا به ضرور ڪي ماڻهو ويا هوندا هوندا جو اها ڳالهه ته رڪارڊ تي آهي ته هڪ دفعي ست سئو کان مٿي ماڻهو ڪراچيءَ کان پاڻيءَ واري جهاز ذريعي موڪليا ويا هئا. ڪاري پاڻيءَ ۾ جيڪي اسي هزار قوم پرست ۽ سياستدان يا ٻيا ڌاڙيل ۽ قاتل قسم جا ڏوهاري موڪليا ويا، انهن سڀني جو جيل جي انگريز آفيسرن رڪارڊ رکيو هو، پر ٻي جنگ عظيم دوران جپانين جو انڊامان ۽ نڪوبار ٻيٽن تي قبضو ٿي ويو، جنهن جو انديشو انگريزن کي خواب خيال ۾ به نه هو. جپانين انگريزن جا ٺهيل سڀ فائيل ساڙي، ان وقت قيد۾ موجود ننڍي کنڊ جي ماڻهن کي آزاد ڪري انگريز آفيسرن کي کڻي قيد ۾ بند ڪيو. ان ڪري اڄ تائين فقط ان تفصيل جي خبر پئجي سگھي آهي جيڪو پهرين لنڊن پهچايو ويو هو.