حيدرآباد (رپورٽ: امتياز کوسو) سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ ڪارونجهر جي نيلامي خلاف جاري ٽينڊرز تي ايندڙ ٻڌڻي تائين اسٽي جاري ڪري ڇڏيو آهي. ايڊووڪيٽ شنڪر لال پٽيشن داخل ڪرائي هئي جنهن ۾ هن چيف سيڪريٽري سنڌ ۽ سيڪريٽري مائينز، منرلز ڊولپمينٽ اٿارٽي کي ڌر بڻائيندي موقف اختيار ڪيو هو ته ڪجهه ڏينهن اڳ ڊائريڪٽر جنرل ليزنگ اٿارٽي مائينز ۽ منرلز ڪارونجهر جي نيلامي لاءِ ٽينڊر جاري ڪيو جيڪو بعد ۾ سرڪار رد ڪيو. درخواست تي ٻڌڻي جسٽس خادم حسين تنيو ۽ جسٽس ارباب علي هڪڙو تي مشتمل ڊويزن بئنچ ڪئي. ٻڌڻي دوران ڊپٽي ڊائريڪٽر منرلز اينڊ مائينز ڊولپمينٽ ٿرپارڪر ايٽ مٺي صديق مڱريو ۽ ڊپٽي ڊائريڪٽر منرل ڊولپمينٽ حيدرآباد عمران ميمڻ پيش ٿيا. ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل عدالت کي آگاهي ڏني ته حڪومت ڪارونجهر جي نيلامي وارا سمورا ٽينڊر رد ڪري ڇڏيا آهن. وڪيل عدالت کي آگاهي ڏني ته لاڳاپيل کاتو ٽينڊر جاري ڪري ٿو ۽ بعد ۾ عوامي رد عمل کانپوءِ سرڪار فيصلو واپس پئي وٺي جيڪا ڳالهه سمجهه کان ٻاهر آهي. عدالت ڪارونجهر جي نيلامي توڙي ڪٽائي واري معاملي جو نوٽيس وٺندي ڪارونجهر کي نيشنل پارڪ جو درجو ڏيارڻ جو حڪم ڏي. عدالت رمارڪس ڏنا ته ڪارونجهر جي مختلف سائيٽس جي نيلامي لاءِ ٽينڊر جاري ڪري رد ڪرڻ بدنيتي ظاهر ٿو ڪري ان لاءِ ايندڙ ٻڌڻي تائين ڪارونجهر جي ڪنهن به حصي جي ڪٽائي نه ڪئي وڃي. عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد تفصيلي فيصلو جاري ڪندي ٻڌڻي 15 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي.