ڪارونجهر جي امڪاني ڪٽائي ۽ ليز خلاف ننگرپارڪر ۾ احتجاج ۽ ڌرڻو

0
49

ڪارونجهر جي امڪاني ڪٽائي ۽ ليز خلاف ننگرپارڪر ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري  ڌرڻو هنيو ويو آهي

سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن جو چوڻ آهي ته معدنيات جو نگران وزير مقامي ماڻهن کان ڪارونجهر جي ڪٽائي جي حمايت ۾ زبردستي بيان ڏيارڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي

اڳواڻن چيو ته ڪارونجهر مذهبي، سياحتي، ثقافتي تاريخي ماڳ هئڻ سان گڏ مقامي ماڻهن جي جياپي جو ذريعو به آهي

سنڌ هاءِ ڪورٽ فيصلي ۾ چئي چڪي آهي ته ڪارونجهر جبل معدنيات کاتي جي ملڪيت نه آهي، ڪارونجهر کي محفوظ رکڻ واري عدالتي فيصلي تي عمل ڪيو وڃي