ڪارونجهر جو ڪنڌ نه ڪوريو

0
223
سنڌ حادثاتي موتن جو ميدان

قومن جا تاريخي ورثا انهن جي سڃاڻپ هوندا آهن جن جي سجاڳ قومون هڙان وڙان خرچ ڪري حفاظت ڪنديون آهن ۽ انهن کي ايندڙ نسلن تائين منتقل ڪري انهن جي حفاظت جون ضمانت وٺنديون آهن،ڇاڪاڻ ته اها سڃاڻپ کين دنيا جي مهذب قومن منجهان هجڻ جو سرٽيفڪيٽ عطا ڪنديون آهن.ماضي سان محبت ڪندڙ قومون ئي پنهنجو مستقبل سنواري سگهنديون آهن.ماضي ئي هوندو آهي جنهن کي اڳيان رکي قومون پنهنجي مستقبل ڏانهن وڌنديون آهن يا انهي کي بهتر کان بهتر بڻائڻ لاءِ ڪوشان هونديون آهن پر رڳو ماضي تي فخر ڪري جيڪي قومون حال ۾ انهي کي وساري ويهنديون آهن انهن جو ڪو مستقبل نه هوندو آهي ڇاڪاڻ ته حال ۾ رڳو ماضي کي ياد ڪرڻ ۽انهن جي حفاظت نه ڪرڻ ۽ مستقبل جو فڪر نه ڪرڻ تباهي جي نشاني آهي تنهن ڪري مهذب قومون پنهنجي شاندار ماضي جي حال ۾ به حفاظت ڪنديون آهن ۽ انهن جي سار سنڀال لاءِ سڀ وسيلا ڪتب آڻينديون آهن.

سنڌي قوم جي اها خوشقسمتي آهي جو ان وٽ هڪ شاندار ماضي جو ورثو آهي جيڪو مختلف شڪلين ۾ موجود آهي جنهن ۾ ڪلچرل به آهي ته ثقافت به آهي جنهن وٽ فن به آهي ته جنهن وٽ آرٽ ۽ ادب به آهي ته انهي وقت تاريخي جايون ۽ مڪان به آهن جيڪي سڀ هن جي ثقافت تمدن،تاريخي ورثي کي ظاهر ڪن ٿيون.5 هزار سالن کان به پراڻي تهذيب رکندڙ سنڌي قوم وٽ موهين جي دڙي جي صورت ۾ اها تهذيب آهي جيڪا اڄ جي سڌريل دنيا۾ به شايد گهٽ قومن ۽ ملڪن کي ميسر هجي. اهڙي ريت انهي قوم وٽ مزاحمت جو اهو مينار به آهي جيڪو ڪارونجهر جي صورت ۾ ڳاٽ اوچو ڪيو بيٺو آهي جنهن جي ڇانو ۾ ان وقت جا ڌرتي ڌڻي ۽ جوڌا انگريز سامراج ۽ غاصبن خلاف جنگ جوٽي ۽ ڌرتي جي حفاظت ڪندي قربان ٿي ويا. ان ڪارونجهر جي ڪنڌ کي ڪجهه ناعاقبت انديش چند ٽڪن جي لالچ ۾ وڪڻي ڪوري رهيا آهن.ڇا تاريخي ورثا ڪنهن معاشي مفادن جي ماتحت هوندا آهن يا انهن جي قيمت جو ڪنهن کي اندازو آهي جو ان کي چند ٽڪن ۾ وڪيو پيو وڃي.

مهذب قومون ته پنهنجي تاريخي جاين کي پئسا خرچ ڪري بچائينديون رهنديون آهن ته جيئن اهي ايندڙ نسلن کي ٻڌائي سگهن ته انهن جو ماضي ڪيڏو شاندار رهيو آهي.اهي ورثا ڪنهن به حڪمران جي ملڪيت نه هوندا آهن جو هو انهن بابت فيصلو ڪري سگهن بلڪه اهي ته انهن حڪمرانن وٽ امانت هوندا آهن ته جيئن انهي امانت کي باحفاظت ايندڙ نسلن تائين منتقل ڪري سگهن.ڪارونجهر ۾ اڳ بارود جي بوءِ ڦهلي هئي جڏهن وطن جي حفاظت ڪندڙن کي سامراج  ۽ غاصبن گولين جو کاڄ بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي هئي جڏهن اهو ڪارونجهر انهن لاءِ پناهه گاهه بڻيو هو هاڻي انهي ڪارونجهر جو پنهنجو وجود خطري ۾ آهي جڏهن معاشي مفادن جا ماريل ان ۾ بارود  ڀري رهيا آهن  ۽ ان کي  وڍي ٽڪي رهيا آهن ۽ ان جي ڪنڌ کي ڪوري رهيا آهن.

اسان سمجهون ٿا جڏهن ڌرتي جي جوڌن کي ڌرتي جي حفاظت لاءِ مورچي جي ضرورت هئي  ته ڪارونجهر پنهنجون ٻانهون آڇي انهن کي حفاظت ڏني هئي ۽ انهن کي پنهنجي ڀاڪرن ۾ ڀريو هو.هاڻي جڏهن ڪي مفاد پرست ۽ معاشي مفادن جا ماريل ماڻهو چند ٽڪن عيوض ان ڪارونجهر جي وجود لاءِ خطرو ٿي پيا آهن ته ڇا اسان ڌرتي ڌڻين جو اهو فرض نه ٿو ٿئي ته اسان ان جي مالڪي لاءِ اڳيان اچون ۽ ان جي حفاظت ڪيون ڇاڪاڻ ته عوام جي مالڪي کانسواءِ ڪابه شيءَ پنهنجو وجود برقرار نه ٿي رکي سگهي ۽ جيڪڏهن عوام ان جي مالڪي لاءِ اٿي پوي ته دنيا جي ڪابه طاقت ان جي وجود کي ميساري نه ٿي سگهي تنهن ڪري اچو ته ڪارونجهر جو ڪنڌ ڪورڻ نه ڏيون ۽ ان جي مالڪي ڪيون.