ڪارل مارڪس ٺيڪ چيو هو!

0
35
ڪارل مارڪس ٺيڪ چيو هو!

توڻي جو هي ڳالهيون هر ڀيري ورجايون وينديون آهن، پر اهو انهن جو حق آهي ته اهي بار بار ورجايون وڃن، ڇاڪاڻ ته جيسيتائين اهڙيون حالتون پيدا نه ٿي پون، جو پوءِ انهن جي ضرورت ئي پيش نه اچي. پهرين ڳالهه ڪارل مارڪس سان منسوب آهي. هُن چيو، ”اليڪشن جي صورت ۾ هر ٻن چئن سالن کانپوءِ مظلومن کي اجازت ڏني ويندي آهي ته ظالمن مان ڪهڙو طبقو ايندڙ وقت ۾ هنن جي مٿان حڪومت ڪندو.” ٻين ڳالهه جڳ مشهور اديب مارڪ ٽوائين جي آهي. هن چيو، “جيڪڏهن واقعي به ووٽنگ سان ڪو فرق پوي ها ته هي ڏاڍا ماڻهو ڪڏهن به اسان کي ووٽ ڏيڻ نه ڏين ها.” ٽين ڳالهه رالف نيڊر جي نالي سان مشهور آهي. هن چيو، “جيڪڏهن ٻن براين جي مقابلي ۾ توهان گهٽ برائيءَ جي چونڊ ڪريو ٿا، تڏهن به توهان برائيءَ کي ئي چونڊي رهيا هوندا آهيو.” مٿي ڄاڻايل ٽنهي مشهور قولن کي اڳيان رکي پاڻ بنا دير ان نتيجي تي پهچون ٿا ته اسان جا ماڻهو ڪيترا نه سادا سٻاجها آهن، جن ماڻهن جي ڪري هو ڏکن سان ڀريل حياتي گهارين پيا، وري وري انهن جي ئي چونڊ ڪري اقتداري ايوانن ۾ موڪلين پيا!

فيبروري مهينو پورو نه ٿيو آهي. هن ئي مهيني جي اٺين تِٿِ تي چونڊون ٿيون. جن ماڻهن نچي ڪڏي ووٽ ڏنا، انهن هاڻي کان ئي دانهون ڪوڪون ڪرڻ شروع ڪيون آهن. هر ڀيري جيان اهو سلسلو پنجن سالن تائين جاري رهندو. هو پنجن سالن تائين وري هڪ نئين مسيحا جو انتظار ڪندا، وري جي ڳالهه سندن مٿان آئي ته ساڳيا ماڻهو چونڊي حڪومت ۾ موڪليندا، اها ئي ڪُل ڪهاڻي آهي هن چونڊن جي نظام جي. هن ڪهاڻيءَ جي پلاٽ ۾ اهي ماڻهو به شامل آهن، جن جو ڪم رڳو دانهون ڪيهون ڪرڻ هوندو آهي. هو اليڪشن واري ڏينهن پولنگ تي پهچڻ ۽ ووٽ ڏيڻ کي گناهه سمجهندا آهن. ان ڪري هيءَ دنيا ان ڪري به وڌيڪ بگڙي وئي آهي، جو اڪثر ماڻهن ۾ قول ۽ فعل جو وڏو تضاد موجود آهي. هو ڳالهين جا بادشاهه ته آهن، پر عملي طور اهڙا نڪما، جن مان ‘نه سڄڻ کي آسرو، نه دشمن کي ڀؤ’. انهيءَ حوالي سان هي پڻ چيو ويندو آهي ته ‘سُتل ڍَڳي کان سِرندڙ ڪوِلِ ڀلي.’ انهن ماڻهن جي ننڊ جي ڪري هر ڀيري اسيمبلين ۾ ساڳيا ماڻهو پهچيو وڃن، جيڪي سگهارا آهن، هنن وٽ ڌن دولت آهي. ساڳي طرح سان طاقت به رکن ٿا. گهري ننڊ ستل ماڻهن جي ان عمل مان فائدو وٺندي، هر ڀيري اقتدار جي سنگهاسن تي ديرو ڄمائيندڙ به هاڻي هيءَ راند خوب سمجهي ويا آهن ته هنن کي ڇا ڪرڻ گهرجي؟

هيءَ ڳالهه لکندي به شرم محسوس ٿئي پيو. شطرنج جي هن بساط ۾ عام ماڻهو، چونڊن ۾ بيهي ۽ کٽي وڃي، اهو ته ڪنهن ‘ديواني جي خواب’ جيان هوندو، پر ان جو بيهڻ ئي سندس لاءِ ڪنهن وڏي زحمت کان گهٽ ناهي هوندو. هو جن  ماڻهن جي حقن جي ڳالهه ڪندو آهي، اهي ئي هن جي مٿان پيا ٽوڪون ڪندا آهن. توهان اڪثر ٻڌو هوندو ته ماڻهو آخر ڇا ڪن؟ هنن وٽ متبادل ناهي ته ڪڏهن توهان اليڪشن واري ڏينهن جو بيلٽ پيپر ڏسو، ان ۾ ڪيترائي نالا هوندا آهن. ڪيترائي مٿي ڦريل ماڻهو، ان اميد سان ميدان ۾ ڪڏي پوندا آهن ته هو نظام کي تبديل ڪندا، پر انهن کي ايترا گهٽ ووٽ ملندا آهن، جو سڄي عمر سندن مٿان چٿر جو سبب بڻجي وڃن ٿا. هن ڀيري ٿيل اليڪشن ۾ اهڙا ڪافي ماڻهو ميدان تي موجود هئا، پر انهن جا طرفدار ستل ئي رهيا، نتيجو اهي وڏي فرق تان هارائي ويا، جيڪا يقينن افسوس جهڙي ڳالهه آهي.

ساڳي وقت غير سنجيده روين جو اولڙو پڻ ته هتان جا ماڻهو پنهنجي حالت مٽائڻ لاءِ سنجيده ناهن. ڪامريڊ جاويد راڄپر ٺيڪ چوندو آهي ته اسان مسلسل جهدوجهد جي دڳ تي ته آهيون، پر ماڻهن جا رويا ٿڪائي وجهن ٿا. عام ماڻهن جي غير سنجيدگيءَ جي هيءَ حالت آهي ته زندگيءَ جي سڀ کان اهم ۽ ڏکئي مرحلي موت جي باري ۾ سنجيدگي ناهي. فوتيءَ جي مڙهه کڻڻ کان مقام ۽ تڏي تائين، ڪو هڪ شخص به اهو معلوم نه ڪندو ته ‘فوتيءَ جي موت جو سبب ڇا هو؟ مرڻ کان اڳ هن کي ڪنهن دوا درمل وٺي ڏني، ڪير هن جو پرسان حال هو….؟” بلڪل به نه. سڀني کي اتي پنهنجون ڳالهيون هونديون آهن. اهڙي ڪَڙي حالت ۾ به زندگيءَ جي اهم مرحلي ۾ اسان سنجيده ناهيون ته باقي ٻيا معاملا ڪهڙي حيثيت رکن ٿا!

سنجيدگيءَ ۽ غير سنجيدگيءَ جي ان بحث ۾ سنڌ صوبي جي سڀ کان اهم اداري سنڌ اسيمبليءَ کي به ضرور ڏسڻ گهرجي، پهرئين ئي ڏينهن اجلاس جي موقعي تي جي يو آءِ، جي ڊي اي، جماعت اسلامي ۽ پي ٽي آءِ جي طرفان گڏيل مبينا ڌنڌلين جي خلاف احتجاج ڪيو ويو؛ جنهن تي پوليس طرفان جهڙي ريت تشدد ڪيو ويو، ان ۾ هي اشارو به پنهان آهي ته ايندڙ وقت ۾ سنڌ جون حالتون ڪهڙيون هونديون. اها صورتحال رڳو سنڌ نه پر پوري ملڪ جي آهي، جنهن ۾ ڌانڌلين جا الزام هڻندڙن جي ڪنهن به فورم تي ٻڌڻي نه پئي ٿئي. فارم 47 ۾ هارايل اميدوار فارم 45 جا بنڊل کڻي هر جاءِ تي گهمن پيا. فارم 45 اليڪشن جي حوالي سان بنيادي دستاويز هوندو آهي، پر فيصل واوڊا  جو اهو بيان ان حقيقت کي سمجهائڻ لاءِ ڪافي آهي ته هارايل اميدوار هاڻي فارم 45 ۾ وڃي پڪوڙا کائين، يعني انهن ماڻهن جو ڪجهه نه ٿيندو! خير اهي پڪوڙا کائڻ يا کپائڻ اهو انهن جو معاملو آهي، پر چوڻ وارا چون ٿا ته اهو سڀ ڪجهه ڄاڻي ٻجهي ڪيو ويو آهي. مطلب سسٽم جي ڊزائن ئي ڪجهه ان طرح جوڙي وئي آهي، جو بظاهر کٽيل اميدوارن جي مٿان به تلوار لڙڪيل رهي. سنڌ جي چونڊ نتيجن ۾ پيپلز پارٽي ۽ ايم ڪيو ايم ماضيءَ کان وڏو مئنڊيٽ کڻي اسيمبلين ۾ پهتيون آهن، پر اهو مئنڊيٽ ڪنهن به وقت ‘ڳچيءَ ڳٽ’ ٿي سگهي ٿو. اها ڳالهه هو به سمجهندا هوندا ته ڀلي مئنڊيٽ ڪيترو به وڏو ڇو نه هجي پر جڏهن تڪراري ٿي ويندو آهي ته ان ۾ ڪا به سگهه ناهي بچندي. پاڪستان جي اليڪشني تاريخ سان ٿوري دلچسپي رکندڙ سال 1997ع ۾ نواز شريف جي هيوي مئنڊيٽ کي ياد ڪري سگهن ٿا، پوءِ ان سان ڪهڙو حشر ڪيو ويو، اهو پڻ ماضي قريب جو ئي قصو آهي.

ٻيو هڪ عام تاثر يا ظاهري طور به نظر اچي پيو ته هن چونڊ تجربي ۾ پيپلز پارٽي سڀ کان گهڻي فائدي ۾ رهي آهي. سنڌ ۾ هُن کي معمول کان گهڻيون سيٽون مليون آهن. مرڪز ۾ ڪير به پيپلز پارٽيءَ کانسواءِ سرڪار نه ٿو جوڙي سگهي. ان ڪَليدي اهميت جي نتيجي ۾ هو سنڌ ۾ ته اڪيلي سر سرڪار قائم ڪندي، پر وفاق ۾ به هن کي پنهنجي مرضيءَ جا عهدا ملن پيا. آصف علي زرداري ملڪ جو 14هون صدر ٿيڻ لاءِ بلڪل تيار آهي. يقين سان بلاول ڀٽي زرداريءَ کي به اهم عهدو ملي ويندو. هي ڏينهن سندن لاءِ سونا آهن، پر اهو سبق هر ڪنهن لاءِ آهي ته ‘سونا ڏينهن سدائين ناهن رهندا’. باقي اها ڳالهه پنهنجي جاءِ تي حق ۽ سچ ته هن نظام مان عام ماڻهوءَ جو ڪڏهن به ڀلو نه ٿيندو، هن سڄي ڪار وهنوار ۾ انهن جي حيثيت شطرنج جي پيادي جيتري به ڪانهي. ڪارل مارڪس ٺيڪ چيو هو ته، “اليڪشن جي صورت ۾ هر ٻن چئن سالن کانپوءِ مظلومن کي اجازت ڏني ويندي آهي ته ظالمن مان ڪهڙو طبقو ايندڙ وقت ۾ هنن جي مٿان حڪومت ڪندو.”