کھڙا (ن پ ا) کھڙا ۾ شيخ برادريءَ جي ماڻھن ڳوٺ حسين آباد تي فائرنگ ۽ زمين تي قبضي جي ڪوشش خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي، ان موقعي تي حبدار شيخ، مختيار شيخ، مولا بخش، يوسف، رياض شيخ، وقار، نسيم، ساجد، تاج محمد ۽ ٻين چيو ته کرل برادريءَ جي ھٿياربندن نسيم کرل، فھيم، وسيم عرف بلبو، نعيم کرل، صدام ڪليري، دائود ڪليري ۽ ٻين ھڪ ايڪڙ ست ويسا زمين تي قبضي لاءِ ڳوٺ مٿان فائرنگ ڪئي، هنن چيو ته  واقعي جي اين سي داخل ڪرائي آھي پر جوابدار بااثر ھجڻ سبب پوليس ڪارروائي نه ڪئي، ھنن ڊي آءِ جي سکر  ۽ ايس ايس پي خيرپور  کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي جوابدارن خلاف قانوني ڪاررروائي  ڪري انصاف ڪيو وڃي.