ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ کير جو اگهه 200 مان 220 رپيا ڪرڻ بابت ڊيري فارمرز ايسوسيئيشن جي درخواست تي ڪمشنر ڪراچي ۽ ٻين ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي 15 فيبروري تائين جواب طلب ڪري ورتو، ڊيري فارمرز جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته اسان کي ملڪ شاپن کي 180 رپيا في لٽر کير فراهم ڪرڻ لاءِ  چيو ويو آهي، جيڪو مناسب ناھي، انهي سان روزاني جي بنياد تي اسان کي وڏو نقصان ٿئي ٿو، شهر ۾ کير جو گهٽ ۾ گهٽ اگهه 220 رپيا لٽر هجڻ گهرجي. جنھن تي چيف جسٽس چيو تھ سمورن اسٽيڪ هولڊرز جو موقف اچڻ بعد ڏسنداسين،