ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ ۾ آپگهات جا واقعا، کور واهه لڳ چڪ نمبر 5 ۾ گهرو اڻبڻت سبب ناري دالو ڪولهڻ مبينا ڦاهو کائي انت آڻي ڇڏيو، اسلام ڪوٽ ۾ ڇهن ٻارن جي ماءُ لاڏو ڪولهڻ مبينا طور خودڪشي ڪري ڇڏي، ڪڍڻ ويجهو ڳوٺ لاکو پير ۾ گهرو اڻبڻت تان نوجوان اڪرم ملاح مبينا زهر پي ڇڏيو، ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو.