کورواھه (ن پ ا) کورواھه ويجھو ديھه شورڪي جي ڳوٺ شھڪ چانڊيو ۾ ھڪ جھڳي ۾ رھندڙ ٻه بيواھه عورتون مسمات منا ۽ مسمات ڪوثر ٽن معصوم ٻارڙن سميت ٽائيم نيوز آڏو لڙڪ لاڙيندي مدد جي اپيل ڪئي، بيواھ ڪوثر چانڊيو چيو ته آئون اڪيلي ھڪ معذور عورت ٽن معصوم ٻارڙن جو مزدوري ڪري ۽ ڳوٺن مان پني سني پيٽ پاليان ٿي جنھن مان ھڪ ويلو کائون ٿا، ھڪ ويلو بک تي سمھڻو پوي ٿو، اسان وٽ گھر به نه آهي، گرمي توڙي سردي ۾ کلي آسمان ھيٺ بي يارو مددگار بڻيل آهيون، سرڪار پاران بينظير انڪم سپورٽ سميت ڪو به وظيفو نٿو ملي، ھنن وس وارن کي اپيل ڪئي ته مدد ڪئي وڃي.