کورواھ (ن پ ا) کورواھ ويجھو بلڙي شاھ ڪريم روڊ تي ڄڃ سان گڏ ويندڙ گھوٽ جي ڀيڻ 13 سالن جي شھزادي  ڌيء اسحاق چانگ موٽرسائيڪل تان ھيٺ ڪري پئي، مڻڪو ٽٽي پوڻ سبب ٿڏي تي فوت ٿي وئي. کيس فورن مقامي اسپتال پھچايو ويو جتي ڊاڪٽرن سندس موت جي تصديق ڪري ڇڏي لاش گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو ۽ شاديء جون خوشيون ماتم ۾ تبديل ٿي ويون. ٻڌايو پيو وڃي ته کورواھ شھر کان ونواھ جون رسمون ادا ڪرڻ کانپوء ڄڃ واپس  ڳوٺ اسماعيل چانگ وڃي رھي ھئي ته حادثو پيش آيو حادثي جو سبب موٽرسائيڪل ديوي جي وڻ سان ٽڪرائجڻ ٻڌايو پيو وڃي. ھوڏانھن 24 فيبروري تي رٿيل شادي جي تقريب گھوٽ جي ڀيڻ جي حادثاتي موت سبب ملتوي ڪئي وئي آھي.