کهڙا (ن پ ا ) کهڙا پوليس ڪنڊيارو مان بازياب ڪرايل ڳوٺ وڏ پڳيه جي ناري زويا ڪلهوڙو کي عدالت ۾پيش ناهي ڪيو ويو، جڏهن ته گرفتار نوجوان ساجن لاکو کي پوليس ريمانڊ لاءِ ٿرڊ سول جج گمبٽ جي عدالت ۾ پيش ڪيو، عدالت نوجوان کي 3 ڏينهن جي جسماني ريمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو آهي. ان سلسلي ايس ايچ او صحافين کي ٻڌايو ته ساجن لاکو کان جانچ هلي رهي آهي، ناري زويا کي بيان لاءِ سومر تي عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو.ناري زويا ڪلهوڙو جي ڀاءُ راشد ڪلهوڙو کهڙا ٿاڻي تي نيڪ محمد ڪلهوڙو، ساجن لاکو، عبداللطيف ابڙو ۽ محمد اسلم پنهيار تي اغوا ڪيس داخل ڪرايو. هوڏانهن گرفتار ڪيل جوابدار ساجن لاکو صحافين کي ٻڌايو ته زويا ڪلهوڙو کي اغوا ناهي ڪيو پر اسان رضا خوشيءَ سان شادي ڪئي آهي.