کھڙا (ن پ ا) هفتو اڳ مل ڪالوني خيرپور ۾ 2 ڀائرن وچ ۾ملڪيت جي تڪرار تان ٿيل جهيڙي ۾ هڪ ڀاءُ جي فائرنگ ۾ ڀاڄائي فرزانه ناريجو قتل ٿي وئي هئي ۽ سندس مڙس رياض ناريجو گوليون لڳڻ سبب سخت زخمي ٿي پيو هو، مقتولا عورت جي زخمي مڙس رياض ناريجو ۽ ڀاءُ محمد علي ناريجو کهڙا پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪندي دانيهندي چيو ته پوليس هفتو گذرڻ باوجود فرزانه جي قتل ڪيس ۾ نامزد جوابدار گرفتار ناهن ڪيا، هنن مطالبو ڪيو ته جوابدار گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي.