کنڀڙا ۾ مقابلي دوران ماريل 4 ڄڻن مان 3 جا لاش وارثن حوالي

0
261
کنڀڙا ۾ مقابلي دوران ماريل 4 ڄڻن مان 3 جا لاش وارثن حوالي
کنڀڙا ۾ مقابلي دوران ماريل 4 ڄڻن مان 3 جا لاش وارثن حوالي

کنڀڙا ۾ مبينا پوليس مقابلي دوران مارجي ويل 4 ڄڻن مان 3 جا لاش وارثن حوالي ڪيا ويا آهن

پوليس موجب رات دير سان هٿياربندن کنڀڙا ٿاڻي جي پڪٽ نمبر هڪ تي حملو ڪيو هو

پوليس جي جوابي ڪارروائي ۾ 4 ڄڻا مارجي ويا، جن ۾ پَلُهو ڪوش، بَدلـُو ڪوش، خان محمد ۽ ارباب شر شامل آهن

پوليس پاران پَلُهو ڪوش، بَدلـُو ڪوش ۽ خان محمد جا لاش اڄ وارث عورتن جي حوالي ڪيا ويا