ڪراچي (نمائندن وٽان): جيئي سنڌ رھبر ڪاميٽي جي سڏ تي سڄي سنڌ ۾ کنڀي گم ڪيل قومي ڪارڪنن جي آزادي لاءِ احتجاج ڪيا ويا. ڪراچي، حيدرآباد، لاڙڪاڻي، ٺٽي، بدين، ميرپورخاص، نوابشاهه، مٽياري، ٽنڊي محمد خان ۽ ٻين شهرن ۾ احتجاج ڪيو ويو، حيدرآباد ۾ جبري گمشدگين جي عالمي ڏينھن جي موقعي تي جيئي سنڌ محاذ جي سربراھ رياض علي چانڊيو، نواز شاھ ڀاڏائي، جسقم اڳواڻ فتاح چنا، پنھل جمالي، نظير شيخ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ اولڊ ڪيمپس کان پريس ڪلب تائين احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. مظاهرين کي خطاب ڪندي جسم چيئرمين رياض چانڊيو چيو ته ملڪ ۾ قانون ۽ آئين صرف نالي ماتر آھي. ھتي لاقانونيت ۽ جھنگ جو وحشي نظام پوري بي رحمي سان مسلط آھي جنھن ۾ بنيادي انساني حقن جو تحفظ نه ملڪ جي پارليامينٽ ٿي ڪري نه وري عدليا، سڄي سسٽم تي ڏوھاري قابض آھن، جن جو ڪم مافيائن جي صورت ۾ ھلي ٿو. عوام جي ڪا فلاح ۽ بھبود ناھي. سنڌ ۾ پوليس ۽ ٻيا سرڪاري ادارا ماڻھو کنڀي جبري طور گم ڪن ٿا. کين عدالتن ۾ پيش نٿو ڪيو وڃي. حيدرآباد ۾ جبري گمشدگين جي عالمي ڏينهن موقعي تي انساني حقن جي تنظيم ايڇ آر سي پي ۽ سنڌ سجاڳي فورم پاران پريس ڪلب سامهون احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. بدين، گولاڙچي ۾ سينيئر وائيس چئيرمين ناز اسماعيل نوتڪاڻي جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، ٺٽي ۾ وائيس چئيرمين اشرف بھليم جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، نواب شاهه ۾ جسقم جنرل سيڪريٽري سرمد ميراڻي جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، ٽنڊو محمد خان ۾ جسقم چئيرمين اسلم خيرپوري جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، ميرپور بٺورو ۾ ڊپٽي جوائنٽ سيڪريٽري محمد خان شورو جي اڳواڻي احتجاج ڪيو ويو، مورو ۾ جسقم جوائنٽ سيڪريٽري ملول کوسو جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو جڏھن ته ڪراچي ۾ فناس سيڪريٽري غازي خان جکراڻي جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو, حيدراباد ۾ عبدلفتاح چنا جي اڳواڻي ۾ مظاھر ڪيو ويو، شڪارپور ۾ جسقم پريس سيڪريٽري اعجاز منگي ڪامريڊ رفيق احمد مھر سرمد بروھي جي اڳواڻي رھبر ڪاميٽي جي سڏ تي ننڍن وڏن شھرن ۾ آحتجاج ڪيا ويا اڳواڻن عالمي ادارن کي اپيل ڪئي ته پاڪستان انتھا پسندي جو ڳڙھ بڻجي چڪو آھي جتي انساني حقن جي لتاڙ جو ڪو مثال ئي نٿا ڏئي سگھون سنڌ بلوچستان ڪي پي ڪي مان به گناھ رياستي ادارن ھٿان کنڀي گم ڪيا ويا آھن جن کي سنڌ جي عشق جي ڏو ھ ۾ اپاھج ڪيو پيو وڃي ۽ سالن کان ظاھر نٿو ڪيو وڃي جنھنجو عالمي ادارا نوٽيس وٺن. لاڙڪاڻي ۾ جيئي سنڌ محاذ پاران ذوالفقار بليدي، منير ڊومڪي، رزاق سرگاڻي، منٺار بگٽي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، ميرپورخاص ۾ جيئي سنڌ محاذ، جسقم، جساف آريسر ۽ ايس يو پي پاران بلال باغي، محمد خان، سرواڻ سنڌي، ساگر سنڌي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو. ٺٽي ۾ جيئي سنڌ رهبر ڪميٽي پاران راول ڪرناڻي، امجد شورو، فقير رزاق انڙ، اشرف بليم، باغي ميمڻ ، اڪبر بروهي ، رشيد کوسو، مبارڪ بروهي  ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، راڻيپور ۾  جساف آريسر پاران ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، پوليس ڪارروائي ڪري  احتجاج ڪندڙ جسقم جي 10 ڪارڪنن  مجيب ڀيلار، ڪرم سامٽيو، ڊاڪٽر نظير کوکر،قلب عباس، نادر ڀيلار هالار ذوالفقار سولنگي سونھارو ناريجو امير ناريجو اختر سولنگي کي پوليس گرفتار ڪري ورتو، فيض گنج ۾ جسقم ۽ سول سوسائٽي پاران خادم اشتياق چانگ رحمت الله شر ۽ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي احتجاج ڪيو، ٺري ميرواھ ۾جيئي سنڌ رھبر ڪاميٽي جي سڏ تي صوفي حاجن گل  قربان دستي عبدالقدير شر مسرور احمد اويس شر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، ٽنڊو محمد خان ۾ جسقم آريسر گروپ جي مرڪزي چيئرمين اسلم خيرپوري ، شاھ فهد ڀٽي ، سڪندر سنڌي ، جيئي سنڌ محاذ جي ڊويزنل صدر زاهد جسڪاڻي جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو هنيو ويو، ڪنڊيارو ۾وائيس آف مسنگ پرسنگ ۽ رهبر ڪاميٽي جي سڏ تي مهراڻ کوسو، عذير گهانگهرو، صدام ملاح ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي احتجاج ڪيو ويو. ميرپور بٺورو ۾ جيئي سنڌ رهبر ڪاميٽي جي سڏ تي نواز خان زئور، نعمان شورو، بابو عثمان ميمڻ، عبدالغفور چانگ، امام بخش خاصخيلي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي. سيوھڻ ۾ مسنگ پرسنز جي عالمي ڏھاڙي جي موقعي تي جيئي سنڌ فريدم موومينٽ پاران امر آزادي, سوڍو سنڌي, پرھ سنڌو جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو. تلهار ۾جسم طرفان اياز سنڌي، خالد سنڌي، روشن سنڌي  ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. مٽياري ۾جسقم (آريسر ) پاران مرڪزي اڳواڻ تاج حيدر درس، فرقان سنڌي، ھيومن رائيٽس اڳواڻ ذيشان ٻارچ احتجاج ڪيو.