کنڀيون کڻي هٿن ۾ خريدار ٿا ڳولين

0
16
کنڀيون کڻي هٿن ۾ خريدار ٿا ڳولين

قومن تي ڪڏھن ڪڏھن انتهائي ڏکيا دور اچي ويندا آھن، جنهن ۾ قومون تهس نهس ٿي وينديون آھن. ڪڏھن ٻاهريان حملا، ڪڏھن ڏڪار ته ڪڏھن وري وبائون قومن کي برباد ڪرڻ ۾ ڪائي ڪسر نه ڇڏينديون آھن. ڪڏھن ڪي قومون مصيبتن مان ٻاهر نڪري وري به ايئن اڳيان وڌنديون آھن، جيئن سڪل وليون برساتن ۾ ٻيهر موري ڪنهن ٻوٽي يا وڻ جو سهارو وٺي مٿي چڙھڻ لڳنديون آھن. اسان جي ديس تي به مختلف دورن ۾ ٻاھرين خوني حملن، اندروني جهڳڙن، ڏڪارن، زلزلن ۽ وبائن مختلف دورن ۾ تباهيون پئي ڪيون آھن. انهن تباهين جي تمام هڪ ڊگهي تاريخ آھي. ان ڊگهي تاريخ ۾ هن وقت وڃڻ ايئن آھي، جيئن ڪنهن تتل ڏينهن دوران ڪڇ جي رڻ ۾ وڃڻ. ان ساري ماضي کي بيان ڪرڻ لاءِ هتي قطعي گنجائش ڪانهي. ان لاءِ ڌار ڪنهن ڪتاب لکڻ جيترو وقت گهرجي. ان ڪري آئون هتي مختلف دورن جو مختصر بيان ڪرڻ ٿو چاهيان ته جيئن  معزز پڙھندڙ  انهن دورن کان ٿورو واقف ٿيندا هلن.

                 اسان جي ديس تي مختلف دورن جي تباهه ڪارين جا نشان اڄ به ڀڙ ڀانگ کنڊرن جي صورت ۾ موجود آھن. اهي دور عربن جي سنڌ تي حملن سان شروع ٿي هلندڙ دور تي اچي پڄاڻي ڪن ٿا. اسان جي ديس جي تاريخ  جنهن ۾ جتي عربن، مغلن، ارغونن، ترخانن، انگريزن جا خوني دور رهيا، اتي ورهاڱي کان پوءِ مارشلائن جا مختلف دور به غلامي، ڏاڍ، معاشي ۽ معاشرتي طور بدحال رهيا، جيڪي تاريخ جي ڪتابن ۾ اڄ به لڱ ڪانڊاريندڙ قصن طور موجود آھن.

عربن جي دور ۾ سنڌ تي ٿيل ڪاهه ڀل ته اسلام جي ڦهلاءَ جو ڪارڻ ڇو نه هجي، پر عربن سنڌ فتح ڪرڻ کان پوءِ هتان جي قديم باشندن جي خون سان هولي کيڏي ۽ جنهن کان پوءِ ھو هتان جون هزارين نوجوان عورتون قيد ڪري ٻاهر کڻي ويا، جا هتان جي صدين جي غيرت کي هڪ وڏي للڪار هئي. هتان جي ماڻھن جو خون وهائڻ سان گڏوگڏ ساڻن جيڪا ڦر لٽ ڪئي ويئي، ان جو هڪ الڳ داستان آھي. سنڌ فتح ڪرڻ کان پوءِ ھتان جا رهيل ماڻھو ڪنگال ٿي ويا. مغلن جو دور به ان ڪري وڌيڪ مشڪل هو، جو ان دور ۾ مغلن ڪلهوڙن جي معرفت هتان جي ماڻھن کي غلام بنائي رکيو. ان حد تائين جو ڪو خودمختيار ماڻھو، ان تي به حملا ڪرايا ويا. جنهن جو مثال صوفي شاه عنايت جي شهادت ۽ کهڙن واري مخدوم  عبدالرحمان جي شھادت جا واقعا آھن. اهڙي طرح ارغونن ۽ ترخانن جا دور به مشڪل دور هئا، جن دورن ۾ انساني خون وهائڻ سان گڏ تعليمي ادارا به ساڙيا ويا. هزارين ڪتب خانا نذر آتش ڪيا ويا. ملڪ ۾ ايتري ته بدحالي ۽ بک اچي منهن ڪڍيو، جو غريب ماڻھو بک ۾ مرڻ لڳا. مرزا باقي جڏھن مرزا صالح سان اقتدار تان وڙھي شڪست کائي ڪڇ ڀڄ طرف وڃي رهيو هو ته رڻ جي رستي ۾ کين بک تنگ ڪيو. کائڻ لاءِ ڪابه شئي نه هئي. مرزا باقي رڻ ۾ ساٿين سان گڏ هو. هن قاضي خميسي کي چيو ته کائڻ جي ڪا شئي ڳولهي آڻيو. ڪتي جا اوڳاڇيل چانور هنن کي هٿ پيا، هنن  اهي چانور ڌوئي رڌي پيٽ ڀريو. اهو واقعو ان وقت جي بک ۽ بدحالي جو چٽو عڪس پيش ڪري ٿو. غالبن ان ئي دور ۾ ماموئي فقيرن جو قتل ٿيو، جن جا ست بيت اڳڪٿيءَ طور مشھور آھن، جن مان هڪ اڳڪٿي آھي:

هاڪ وهندو هاڪڙو، ڀڄندي ٻنڌ اروڙ

بِهه مڇي ۽ لوڙھ، سمي ويندي سوکڙي

انگريزن جو دور به غلامي وارو دور هو، جنهن ۾ ھنن ٽالپرن جي حڪومت ختم ڪرڻ کان پوءِ نه فقط انهن جي ماڻھن کي سزائون ڏنيون پر انهن مان ڪيترن ئي قيدين جا عدالتي قتل به ڪيا، جن ۾ پير سائين پاڳارو جي شهادت، ٿر جي روپلي ڪولهي تي حملو ۽ اتان جي سوين ماڻھن جو روپلي سميت ناحق خون وهائڻ جا داستان تاريخ جي انتهائي اونداهي ۽ ڀيانڪ دورن جا مثال آھن.

آئون هن ديس جي ڊگهي تاريخ جي رڻپٽ ۾  ٿورو اڳيان وڃي ٻيهر پٺتي موٽان ٿو ۽ ورهاڱي جي وڍن ۽ ان کان پوءِ ديس تي آيل مارشلائن جي دورن کي پٽ جي تاڪئي جيان ويڙھي، پٺ ڏانهن موٽان ٿو ته مون کي اڃان تائين هزارين خاندان مهانگائيءَ سبب مايوس نظر اچن ٿا. ملڪ ۾ بار بار نيون حڪومت قائم ٿينديون رهيون پر پوءِ به انهن ماڻھن  جي دردن جو درمان ٿي نه سگهيو آھي.

آئون هتي هڪ نئين ياد پڪڙي ٿو وٺان، جيئن ملاحن جا ٻار ٿوري پاڻي مان مڇي پڪڙيندا آھن. ٿر جي وٽ واري ۾ دور ڏاکڻي علائقي جي هڪ ڳوٺ گهوڙالسي ۾  هڪ سانجھ  ويٺل آھيون. اڀرندڙ چنڊ ڀٽون ڇڏي مٿي چڙھيو آھي. وهيون نالي ٿريو اچي کٽ جي سامهون فرش تي ھيٺ ويهي ٿو. “کٽ تي ويهو” چوانس ٿو.

“نه، فالج جي ڪري هڪ پاسو ڪمزور آھي. ٽَنگ وارو نٿي ڏي”. پوءِ ھو ڳالهائڻ شروع ڪري ٿو. سندس آواز ڌڪڙيل مٽر جيان  آھي.

“هن وقت مهانگائي ۾ پيسجي رهيا آھيون. آئون گهڻو اڳ لاڙ ۾ وڃي ڪمند جي ڪٽائي جي مزدوري ڪري پندرهين ڏينهن گهر ايندو هوس،  وقت سٺو گذرندو هو، هاڻي ته قسمت مون کي جڏو ڪري ڇڏيو آھي. مزدوري جي لائق به نه رهيو آھيان، پر مزدوري آھي ڪٿي؟ هاڻي ته ملڪ تي هڪ ٻئي پويان اهڙا بادشاه ٿا اچن، جو ماڻھو بيوسي جي عالم ۾ موت کي پڪارين ٿا”. هو ايئن چئي خاموش ٿي وڃي ٿو، ڄڻ ھن جي ڳالھ  ڪامھ جي جهوٽي ۾ اڏامي ويئي هجي.

مون ٿر جي مختلف علائقن ۾ مهانگائي سبب اهڙي بيوسي جا عالم ڏٺا هئا، جن کي بيان ڪندي لڱ ڪانڊارجي ٿا وڃن. ننگر کان ويندي مٺي تائين روڊ جي ٻنهي پاسن کان ڪيترائي ٻار ۽ ٻڍا ٿري کاڄ ۽ کنڀيون کڻي خريدارن جو انتظار ڪري رهيا هئا.  اڳيان روڊ جي ڪناري کان بيٺل ڪونڀٽ وڻ جي ڇانو ۾ هڪ پير مرد ويٺل آھي، جڏھن ته ٻه معصوم ٻارڙا کنڀيون کڻي اڀا بيٺل آھن. گاڏي بيهارڻ تي ٻڌائين ٿا ته کنڀيون وڪڻي اٽو وٺندا آھيون. هتي ته اٽي کي باه لڳي پيئي آھي، ستر روپيا ڪلو ملي ٿو. اس سبب ٻارڙن جي چهري مان پگهر وهي رهيو هو. سندن ڀر ۾ جڏھن ڪا گاڏي بيٺي ٿي ته سندس آس جاڳي ٿي پيئي ۽ سندن چهري ۾ مسڪراهٽ جرڪڻ ٿي لڳي. ٿر سميت ڪوهستان، لاڙ، وچولي، توڙي ساري ملڪ ۾  مهانگائي ۽ بيروزگاري پورهيت ماڻھن جون وايون بتال ڪري ڇڏيون آھن.

هيءَ حڪومت هن مهانگائي واري صورتحال کي  پي ٽي آءِ جي حڪومت جي ڪيل ڦرلٽ سان ڳنڍي رهي آھي. اها ڳالھ  پنهنجي جاءِ تي، پر موجوده حڪومت به عوام لاءِ اڃان تائين ڪجھ نه ڪري سگهي آھي. حڪومت جي غلط پاليسين سبب عام ماڻھو وڏي مشڪل ۾ ڦاٿل آھن. ڪجھ ماڻھو اهڙين ڏکين دورن کي قدرت جي ناراضگي سان تعبير ڪري رهيا آھن, هن وقت ملڪ ۾  وڏين پارٽين جي رساڪشي ماڻھن جي مشڪل ۾ وڌيڪ اضافو ڪيو آھي. جيتوڻيڪ تحريڪ انصاف هن وقت اقتدار کان ٻاهر آھي، جڏھن ته نواز ليگ ۽ پيپلز پارٽي حڪومت ۾ آھن. انهن جي ذميداري ٿئي ٿي ته هو نوجوانن کي روزگار ڏين ۽ مهانگائي ختم ڪن. نوجوان طبقو جيڪو تلاش روزگار ۾ ڀٽڪندو ايئن رهجي ويو آھي، جيئن ڪنهن رڻ ۾ اڃايل هرڻ، ڇال ڏيئي ڦري ڦري ڦانءِ ٿي ڪرندو هجي. تاريخ ۾ موجوده دور به انتهائي مشڪل دور ليکيو ويندو. هن دور ۾  جيتوڻيڪ مارشلائن يا ان کان اڳ وارن دورن جي هڪجهڙائي ته ڪانهي، پر معاشي طور  بدحالي ۽ انساني حقن جي لتاڙ، ۽ جبري گمشدگيون ۽ ڌاڙيل راڄ عروج تي آھي. اهڙي صورتحال ۾ قومي ڪارڪن  کان ويندي عام ماڻھو غير محفوظ ۽ بيحال ٿيل آھي. ان ڪري حڪومت کي اهڙا  انقلابي قدم کڻي عوام جي زندگي سنوارڻ گهرجي، جنهن سان خوشحال معاشري جا بنياد پئجي سگهن ۽ هڪ بهتر نئين تاريخ رقم ٿئي. ٻي صورت ۾ هي دور ته گذري ويندو پر موءرخ هن دور کي جڏھن لکڻ ويهندو ته لکندو، “صدين کان  ڪاري رات اڃان موجود آھي، باک ڦٽي جا اهڃان اڃان ڪٿان به نظر نٿا اچن”.