ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ مختلف علائقن مان کنڀي گم ڪيل شهرين جي بازيابي لاءِ داخل ڪيل درخواستن جي ٻڌڻي دوران ٽن سالن کان گم ٿيل شهري اعزاز الحسن کي بازياب نه ڪرائڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ايف آءِ اي جي ڊي جي ۽ گهرو وزارت کي سمورن لاڳاپيل ادارن کان رپورٽ حاصل ڪري 27 اپريل تي اڳڀرائي رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته ايندڙ ٻڌڻي تي شهري کي بازياب ڪرايو وڃي، عدالت اعزاز الحسن کي بازياب نه ڪرائڻ تي جاچ آفيسر تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته ٻڌايو ته ٽن سالن ۾ اوهان ڇا ڪيو آهي؟ شهري جي ٽريول هسٽري ڪٿي آهي؟ جنهن تي ڪيس جو جاچ آفيسر مطمئن ڪندڙ جواب نه ڏئي سگهيو، عدالت مٿس ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته ها يا نه ۾ جواب ڏيو، هيڏانهن هوڏانهن جون ڳالهيون نه ڪريو. عدالت ايف آءِ اي جي ڊي جي ۽ گهرو وزارت کي سمورن لاڳاپيل ادارن کان رپورٽ حاصل ڪري 27 اپريل تي اڳڀرائي رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته ايندڙ ٻڌڻي تي گم ٿيل شهري کي هر صورت ۾ بازياب ڪرايو وڃي