ڦٽين جي آبادگارن سان نا انصافي: سنڌ حڪومت مداخلت ڪري!

0
12
سنڌ جي امن امان جا ‘الف ليلوي’ داستان ۽ آءِ جي سنڌ

سنڌ ۾ زرعي شعبي جا بحران ڏينهون ڏينهن وڌندا پيا وڃن ۽ حڪومت وٽ اهي بحران حل ڪرڻ جي حوالي سان سنجيدگيءَ جي کوٽ نظر اچي ٿي. حڪومت ويتر اهڙا قدم کڻي رهي آهي، جنهن سان زرعي شعبي جي تباهيءَ جو تسلسل وڌيڪ تيز ٿي رهيو آهي. آبادگارن کي زرعي جنسن/فصلن جو مناسب اگهه نٿو ملي. سنڌ ۾ هر فصل سان اها ئي ڪار ٿيندي رهي آهي، پوءِ اهو ڪڻڪ جو فصل هجي يا ڪمند جو، سرنهن جو فصل هجي يا سونف جو، يا هاڻي وري ڦُٽين جا آبادگار نشاني تي آهن. ڪاٽن جيننگ ايسوسيئيشن ڪَڪڙن تي ٽئڪس ۽ آف سيزن فيڪٽرين تي بجليءَ جي فڪس بلن خلاف احتجاج ڪندي ڪَڪڙن جي خريداري بند ڪري ڇڏي آهي، جنهن سبب مختلف شهرن ۽ ننڍن وڏن ڪاروباري مرڪزن ۾ واپارين ڦٽين جي خريداري روڪي ڇڏي آهي ۽ آبادگارن کي مجبور ڪيو پيو وڃي ته اهي گهٽ اگهه تي ڦُٽيون وڪرو ڪن ۽ مينهوڳي جي موسم جي ڪري واپاري پريشانين جو شڪار آهن.

سنڌ جي زراعت کي اڪيچار مسئلا درپيش آهن ۽ سنڌ جا حُڪمران ڏاهپ کان وانجهيل قدمن سان ان بحران کي ويتر مهميزون هڻندا رهيا آهن. هن ڀيري وفاقي بجيٽ ۾ ٽيڪس وڌايو ويو آهي ۽ آف سيزن فيڪٽرين تي بجليءَ جي فڪس بلن واري فيصلي کان پوءِ سنڌ ۾ ڪاٽن جيننگ فيڪٽرين وارا هڪ تير سان ٻه شڪار ڪندي هڪ طرف ڦُٽين جي خريداري بند ڪري آبادگارن کي دٻاءَ ۾ آڻي رهيا آهن ته جيئن اهي احتجاج ڪن ۽ حڪومت تي دٻاءَ پوي ته جيئن وڌايل ٽيڪس ۽ آف سيزن فيڪٽرين تي بجليءَ جي فڪس بل وارو فيصلو واپس ٿي سگهي ته ٻئي طرف وري امڪاني برساتن سبب آبادگار ڦٽيون سستي اگهه تي وڪرو ڪرڻ لاءِ مجبور ٿين. صرف اهو ئي نه، ڦُٽيون خريد ڪندڙ واپارين به بليڪ ميلنگ وڌائي ڇڏي آهي ۽ اُهي هڪ هزار کان ڏيڍ هزار گهٽ اگهه تي ڦُٽيون خريد ڪري رهيا آهن. جبر ۽ بليڪ ميلنگ جي ان صورتحال ۾ سنڌ جو زراعت کاتو آبادگارن جي واهر ڪرڻ ۽ ڪاٽن جيننگ فيڪٽرين وارن ۽ واپارين کي پٽو وجهڻ لاءِ تيار نه آهي. مٿان وري سانوڻي جون برساتون آهن، اهڙي حالت ۾ آبادگار دٻاءُ جو شڪار ٿي ڦُٽيون سستي اگهه تي وڪرو ڪرڻ لاءِ مجبور ٿي رهيا آهن. ان سان گهڻو فائدو اسٽاڪ ڪندڙن/ذخيرو ڪندڙن کي ٿيندو ۽ آبادگار خساري ۾ رهندو. سنڌ جي زراعت اڳ ئي بحرانن جو شڪار آهي. هڪ ته سنڌ کي پاڻي جو منصفاڻو حصو نٿو ملي ۽ جيڪا لَپَ پاڻيءَ جي ملي ٿي ان جي به بهتر ريگيوليشن نه ٿيڻ جي ڪري آبادگارن کي ٽيوب ويلن تي ڀاڙڻو پوي ٿو. ڊيزل ۽ بجلي مهانگي هجڻ جي ڪري ٻين صوبن، خاص طور تي پنجاب جي ڀيٽ ۾ سنڌ ۾ فصل جي في ايڪڙ پيداواري لاڳت وڌيڪ اچي ٿي. نقلي ٻجن ۽ زرعي دوائن ويتر ڪسر پوري ڪري ڇڏي آهي. سنڌ جي آبادگارن کي خرچ به ڳِچيءَ ۾ هوندو آهي. مٿان وري مڊل مين، واپارين توڙي فيڪٽري وارن جي بليڪ ميلنگ نقصان ڏئي رهي آهي. اهڙي صورتحال ۾ سنڌ حڪومت آبادگارن جي واهر ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. سنڌ ۾ شايد ئي ڪو فصل هجي، جنهن جو آبادگارن کي مناسب اگهه ملندو هجي. آبادگارن کي ڪمند جو پورو اگهه نٿو ملي. حڪومت پاسما جي بليڪ ميلنگ اڳيان ايتري مجبور آهي جو وقت سر ڪمند جي پيڙائي شروع نٿي ڪرائي سگهي، جنهن ڪري مجبور ٿي ڪيترائي آبادگار ڪمند جي فصل کي باهه ڏئي ساڙي ٿا ڇڏين، ڇو ته ان ئي زمين تي کين ڪڻڪ پوکڻي هوندي آهي ۽ وري جڏهن ڪڻڪ جو فصل تيار ٿئي ٿو ته، خوراڪ کاتو هدف موجب خريداري نٿو ڪري، خريداري مرڪز قائم نٿا ڪيا وڃن ۽ جي قائم ٿين ٿا ته به گهڻي دير ڪئي وڃي ٿي ۽ اهڙي ريت ٻاهرين واپارين توڙي زخيرو ڪندڙن کي موقعو فراهم ڪيو وڃي ٿو ته، اهي گهٽ اگهه تي ڪڻڪ جي خريداري ڪن. ننڍن ۽ بي پهچ آبادگارن کي بارداڻو ئي نٿو ملي، اهو به سياسي مقصدن لاءِ استعمال ٿئي ٿو. اهڙي ئي روش ٻين فصلن لاءِ پڻ آهي.

اسان سنڌ سرڪار جي اختيار ڌڻين کي اهو چوڻ جي ضرورت ٿا محسوس ڪريون ته، ڦُٽين جي آبادگارن کي نقصان کان بچائڻ لاءِ ترت مداخلت ڪئي وڃي. آبادگارن کي بليڪ ميل ڪندڙ ڪاٽن جيننگ فيڪٽرين وارن کي پٽو وڌو وڃي. ڦُٽين جي خريداري تُرت شروع ڪرائي وڃي ۽ انحرافي ڪندڙ فيڪٽريون سِيل ڪيون وڃن. گڏوگڏ ان ڳالهه کي به يقيني بنائڻ جي ضرورت آهي ته، آبادگارن کي ڦُٽين جي پوري اگهه جي ادائگي ٿئي. سنڌ حڪومت طرفان ان معاملي تي ترت تحرڪ نه ورتو ويو ته، مندائتا مينهن ڦُٽين جي فصل جي تباهي جو سبب بڻجندا ۽ اڳ ئي معاشي دهشتگردي جو شڪار سنڌ جو آبادگار وڌيڪ پريشانين کي منهن ڏيندو.