نيويارڪ: (دلچسپ نيوز) ڪيترائي ماڻهو اڪثر اهڙا ڪرتب ڏيکاريندا آهن جنهن کي ڏسي انسان جي عقل دنگ رهجي ويندي آهي.اهڙي ئي هڪ نوجوان 2 ڦوڪڻن کي ٽي منٽ 40 سيڪنڊن تائين مٿي سان اڇلڻ جو ڪرتب ڏيکاريو. ميڊيا رپورٽ موجب هڪ وڊيو ۾ آمريڪي شهري 2 ڦوڪڻن جو ڪرتب ڏيکارڻ جو دلچسپ مظاهرو ڪري رهيو آهي.هو پنهنجي مهارت جي بدولت هن گينز رڪارڊ به ٽوڙي ڇڏيو. ڊيوڊ رش نالي شخص ٻن ڦوڪڻن کي 3 منٽ 40 سيڪنڊن تائين مٿي سان اڇليندي ڪرتب ڏيکاريو ۽ پنهنجي ان ڪارنامي کي گنيز بڪ ۾ شامل ڪرائڻ جي لاءِ موڪلي ڇڏيو.جنهن کان پوءِ گنيز بڪ آف ورلڊ رڪارڊ جي انتظاميه ان رڪارڊ کي تسليم ڪندي ايندڙ ايڊيشن ۾ شامل ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.