ڦل(ن پ ا)ڦل ڀرسان يوسي ڏگيجا جي ڳوٺ وگهيا جي گورنمينٽ پرائمري اسڪول مير محمد سومرو ۾ آءِ بي اي پاس پڙهائيندڙ استاد جي بدلي سبب اسڪول بند هجڻ خلاف ڳوٺاڻن ۽ شاگردن گڏيل احتجاجي مظاهرو ڪيو،  احتجاج ڪندڙ ڳوٺاڻن ميرمحمد، دين محمد، محمد حسن، اشرف، وارث، گل حسن سومرو ۽ اسڪول جي ٻارڙن جو چوڻ هيو ته اسان جي گورنمينٽ پرائمري اسڪول مير محمد سومرو ۾ هڪ آءِ بي اي پاس استاد پڙهائيندو هيو، جنهن جي قانون موجب 3 سال بدلي ناهي ٿيڻي پر هاڻي اهو استاد سياسي اثررسوخ استعمال ڪندي اسڪول مان بدلي ڪرائي ڪنهن ٻئي اسڪول ۾ هليو ويو آهي ۽ استاد جي وڃڻ ڪري اسان جو اسڪول ڪيترن ئي ڏينهن کان بند پيل آهي، هنن وڌيڪ ٻڌايو ته اسان جو هي اسڪول گذريل 30 سالن 1994 کان هلندڙ آهي ۽ اسڪول ۾ 60 کان مٿي شاگرد شاگردياڻيون تعليم پرائي رهيا آهن، جڏهن ته اسڪول کي هن مهل تائين بلڊنگ به ناهي ملي سگهي ۽ اسان ڳوٺاڻن پنهنجي مد پاڻ تحت ڇپرا ٺهرائي اسڪول هلرائي رهيا آهيون، هنن سنڌ حڪومت ۽ تعليم واري وزير سميت تعليم کاتي جي اعليٰ عملدارن کان مطالبو ڪيو ته اسان جي اسڪول ۾ استاد مقرر ڪرائي ٻارڙن جي تعليم شروع ڪرائي انهن جو مستقبل تباهي کان بچايو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.