ڦلجي اسٽيشن(ن.پ.ا) ”ڦلجي اسٽيشن ۾ عوامي لائبريري قائم ڪيو“مبواس ” سرجڻھار پاران ھٿن ۾ پلي  ڪارڊ ۽ بينر کڻي ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، جهانگير آرائين، مشھور ميمڻ ، رانا نصرالله راجپوت، آخوند نور احمد ڏهوٽ، رائو انور راجپوت، علي جان لغاري، ھالار ياسين آرائين، وسيم پنھور ۽ ٻين چيو تہ ڪيترن ئي مھينن کان ھر آچر تي لڳاتار احتجاج ڪري رهيا آھيون پر ڪنهنجي به ڪن تي جونءِ نه ٿي چري، ڦلجي اسٽيشن ۽ ڀرپاسي جي شاگردن لاءِ شهر ۾ عوامي لائبريري ناهي، عوامي لائبريري نہ هجڻ سبب  نوجوان ڪتابن پڙهڻ بدران پنهنجو قيمتي وقت پب جي گيمن ھوٽلن توڙي مختلف سماجي براين پٺيان گذارن ٿا ، لائبريري نه هئڻ ڪري تعليم متاثر ٿي رهي آهي ۽ نئون نسل جهالت طرف وڌي رهيو آھي. هنن صوبائي وزير سردار علي شاهہ ۽ وس وارن کان مطالبو ڪيو تہ ڦلجي شهر ۾ عوامي لائبريري قائم ڪري نوجوان نسل کي تباھ ٿيڻ کان بچايو وڃي.