ڏڪاريل ڏيهه ۾ پاڻيءَ جو ڏڪار ۽ ڪمائو ڪمپنيون 

0
616

دنيا کان جاگرافيائي حوالي سان مختلف ٿرپارڪر ضلعو جيتوڻيڪ تاريخ جي دز چڙھيل ورقن ۾ ڪٿي قديم ندي سرسوتي جي سينڌ جو سير رھيو آھي ته ڪٿي درياءَ ھاڪڙي ۾ نينھن جي ناکئن جو نور نظر رھيو آھي. جديد جهان جي ڀيٽ ۾ اھا ڀاڳڀري ڀونءِ ويجهي ماضيءَ ۾ پيئڻ جي پاڻي کان اڃاري نه رهي آهي توڙي جو کين پنهنجي حصي جو پورو پاڻي پلئه نه پيو آهي پر انگريز سرڪار ھن ڌرتي کي اڃ به نه ماريو ھو. انگريزن جي ايامڪاري کان پوءِ وارن سورمائن کان وٺي اڄ جي ڪمپنيءَ ڪلجڳ تائين جي مھاراجائن ٿر کي پيئڻ لاءِ پاڻيءَ جي بجاءِ سندا ڳوڙها ئي پيئڻ لاءِ مجبور ڪيو آهي. 
ٿرپارڪر ضلعي ۾ انساني آباديءَ جي پکيڙ ۽ پيوندڪاري تي غور ڪبو ته ٿري ماروئڙن جا ٿرپارڪر جي وارياسي پٽن تي جھوپڙا اڏڻ جا مکيه ۽  بنيادي اصول ئي پاڻي ۽ ساوڪ سامھون ايندا ڇاڪاڻ جو مالوند ماڻهن کي مال جي چاري لاءِ وسيع گئوچر يا ڏاھر ۽ پاڻي ئي گهربل ھئا پوءِ جنهن کي جتي جي مٽي پاڻي ۽ ساوڪ مھيا ڪئي ته اتي کين تڙ، ويري، کوھه، ترائي ۽ وانڊ ٺاهي آباد ٿيندا رهيا ۽ تلاش ان بجاءِ تلاش جل لاءِ ڏھرن، دڙن ۽ مڙھن کي کوٽي ويڙھا وسائيندا رھيا.
ٿرپارڪر جي ڳچ حصي جي زير زمين پاڻيءَ ۾ ڌڙن ۾ دفن معدنيات ملڻ سبب فلورائيڊ (سنکيو) مليل آهي جنهن سبب فلورائيڊ جي مقدار مطابق زير زمين پاڻيءَ ۾ کاراڻ جي شرح پڻ علائقائي اثرن پٽاندڙ ڪٿي گهٽ ته ڪٿي وڌيڪ آهي. باوجود ان جي ٿرپارڪر جي اصلوڪي رھاڪن نه رڳو اھو فلورائيڊ (سنکيو) مليل پاڻيءَ واھپي ۾ ڪتب آندو پر سندن قسمت کي معياري بڻائي پنهنجي نسلن کي ان پاڻيءَ سان نينھن نڀائڻ جي تاڪيد پڻ ڪئي آهي. ٿر جي اٻوجھه مارو ماڻهن کي اها خبر به نه هئي ته جنهن سرڪار جو اسان ٽيڪس ڀريون ٿا ان حڪومت جا پڻ اسان لاءِ بنيادي ضرورتون پوريون ڪرڻ جا ڪي فرض ٿين ٿا. وساريل خطي جي پڙهيل لکيل نوجوان ٽهي جي آواز اٿارڻ تي سرڪار سڳوري ٿر جي حصي جو ٿيندڙ پاڻيءَ ڏيڻ جي بجاءِ آر اوپلانٽ اسڪيم شروع ڪري هڪ تير سان ٻه شڪار ڪرڻ جي پلاننگ ڪئي. انهيءَ چالاڪي ۾ پئسي جي ڀرمار سان گڏ مقامي پٽيلن جي ناتجربيڪار اولادن کي آپريٽر مقرر ڪري ووٽ بئنڪ ۾ پڻ اضافو ڪيو. انهيءَ پلاننگ ۾ حڪومتي ٿنڪ ٽينڪر ٽيم گهڻو تڻو ڪاميابي به حاصل ڪري ورتي ڇاڪاڻ جو آر اوپلانٽ اسڪيم ۾ پلانٽ نصب ڪرڻ کان وٺي آپريٽ ڪرڻ تائين هڪ نه کٽندڙ ڪرپشن جو تسلسل هو جيڪو پنهنجي اوج سان جاري و ساري آهي. پاڪ اوسيئس نالي جي ڪمپني سان ڳٽ جوڙ ڪري ڪامورن، صلاحڪارن ملڪي خزاني جي اربين رپين کي رڳڙو ڏيئي ٿرپارڪر ۾ قبرستان آر اوپلانٽن جو اڏيو ويو جنهن جو ڪجهه سال اڳ سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس سوموٽو ايڪشن وٺي کربين روپين جي ڪرپشن جي نيب کي تحقيقات جو حڪم ڏنو.
ڪرپشن ۽ تحقيقات جي آڙ وٺي ڪجهه وقت جي ساهي بعد نئين انداز ۽ نئين نانءُ سان سنڌ حڪومت انهيءَ جهڙي هڪ ٻئي ڪمپنيءَ کي ٿر تي ٿاڦيو آهي جيڪا ٿر ۾ پاڻيءَ جي پورائي لاءِ ڇاتيءَ ٺوڪي ميدان تي لٿي آهي. ماضيءَ جي ڪمپنين جي تجربن کي ڏسندي اهو خدشو ضرور نظر اچي پيو ته پاڻي جو پورائو ڪندي يا نه پر سنڌ جي وڏن ڪرتا ڌرتا ڪارندن جي شاهه خرچن کي ته يقينن منهن ڏئي سگهي ٿي. ڪمپنين جي ڪلهن تي سجايل انهي اسڪيم ۾ ٿر جي ڪنهن هڪ به ڳوٺ يا شهر کي ڪُل وقتي پاڻي جي سهولت نه ملي سگهي آهي الٽو ٿر جي ماڻهن جي واحد پاڻيءَ جي ذريعي کاري پاڻيءَ وارن کوهن کي لٽائي ڇڏايو ويو آهي. سنڌ حڪومت ٿر جي انهيءَ بنيادي مسئلي کي ٿر جي چوڻي موجب “ ٻائي ٻنھان گهران مان گئي” جي مصداق ٿر جي مارو ماڻهن کي ڪمپنين جي رحم ڪرم تي ڇڏيو آهي. جنهن ٿر جي پياس عارضي بنيادن تي ڪجهه وقت لاءِ حل ضرور ڪيو آهي پر هميشه لاءِ انهي مسئلي جي حل لاءِ ڪو به جامع پلان نه جوڙي سگهي آهي. ٿرپارڪر جي پاڻيءَ جي کوٽ ۽ وقتائتي رسائي جو واحد ذريعو اڳوڻي ضلعي چيئرمين ڊاڪٽر غلام حيدر سميجو جو تجويز ڪيل ٽيوب ويل سسٽم هو جنهن سان زرعي سڌارن سان گڏ ٿرپارڪر جي پاڻيءَ جي حاصلات ممڪن ھئي. تار جي هُن پار تازو پاڪستاني پاڻيءَ تي راتاهو هڻي هڪ نهر جاري ڪئي ويئي آهي پر هن کان اڳ راجستان جي مڙني ڳوٺن ۾ ۽ سيمن ۾ ٽيوب ويلز نصب ڪري ڏنا ويا آهن جيڪي نه فقط پيئڻ جي پاڻي جي پورائي ڪري رهيا آهن پر ٽيوب ويلن تي بهترين زرعي پيداوار پڻ ممڪن بڻائڻ جو ذريعو مهيا ڪيو آهي. ٿرپارڪر ۾ پڻ ساڳي طرح جو تجربو ورجايو وڃي ته ان سان نه فقط پاڪ اوسيئس جهڙين ڪرپٽ ڪمپنين کي ڪرپشن کان روڪي ملڪي ناڻي جي بچت سان گڏ ڪل وقتي ٿر ۾ پاڻيءَ جي حل سان گڏ زراعت کي پڻ هٿي وٺرائي سگهجي ٿي.