ڏکڻ پنجاب صوبي جي ڳالھ پئي ھلي، سنڌ ۾ ورھاڱي جي ڳالھھ ڪندڙن کي ماڻھو جيئڻ نه ڏيندا: مراد علي شاھ

0
233

ٺٽو: سنڌ جَي وڏي وزير مراد علي شاھھ چيو آھي تھ ملڪ اندر سرائيڪي صوبو ٺاهڻ جون ڳالهيون ٿي رهيون آهن، وڌيڪ صوبا يا انتظامي يونٽس ٺاهڻ لاءِ ڪير سنڌ جي باري ۾ نه سوچي

مراد علي شاھھ ٺٽي ۾ صحافين سان ڳالھائيندي چيو تھ  سنڌ صدين کان هڪ رهي آهي ۽ هڪ ئي رهندي، سنڌ ۾ ڪنهن به نئين صوبي جي ڳالهه ڪئي ته ان جو برو حشر ٿيندو

ھن چيو تھ اسان چاهيون ٿا ته اسيمبليون نه ٽٽن، عمران خان اسيمبليون ٽوڙڻ جون ڳالهيون ڪري عوام کي بيوقوف بڻائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي

 وڏي وزير شيرازي هائوس پهچي اڳوڻي صوبائي صلاحڪار اعجاز شاھ شيرازي جي ورسي تقريب ۾ شرڪت به ڪئي