جوهانسبرگ(دلچسپ نيوز) ڏکڻ آفريڪا ۾ ڏيڏرن جي ٽپ لڳائڻ جو دلچسپ مقابلو، فاتح ڏيڏر 9 ميٽر ڊگهو ٽپ ڏنو. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب ڏکڻ آفريڪا جي جرسٽن شهر ۾ ڏيڏرن جي ٽپ ڏيڻ جو مقابلو ڪرايو ويو، سالياني مقابلي ۾ ڪيترن ئي شوقينن پنهنجا ڏيڏر لاٿا، هڪ عورت جي ڏيڏر 9 ميٽر کان به وڏو ٽپ ڏئي مقابلو کٽي ورتو، فاتح ڏيڏر جي مالڪ عورت جو نالو گنيز بڪ آف ورلڊ رڪارڊ ۾ شامل ڪيو ويو.