ڏکيو وقت آهي پر پاڪستان کي پاڻڀرو ڪرڻ جي ڪوشش ڪريون پيا: بلاول

0
187

پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته معاشي طور پاڪستان لاءِ ڏکيو وقت آهي پر پاڻڀرو ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون

بلاول چيو ته اسان دهشتگردي ڪندڙ نه پر دهشتگرديءَ جا متاثر آهيون، سموري قوم دهشتگرديءَ خلاف متحد آهي

آمريڪي ميڊيا سان ڳالهائيندي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو ته نيشنل ايڪشن پلان تي عملدرآمد لاءِ هاڻي ماضيءَ واريون ڪوتاهيون نه ٿينديون

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پيپلزپارٽي ۽ اسان جو حڪمران اتحاد دهشتگرديءَ جو مقابلو ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي

پرڏيهي وزير چيو ته وزيراعظم شهباز شريف جي معاشي ٽيم ملڪي معيشت کي پاڻ ڀرو ڪرڻ واري چئلينج کي منهن ڏئي رهي آهي