“ڏيون يا معاف ڪريو” چئون

0
136
هٿراڌو ڪرايل انساني لڏپلاڻ

 اسلامي معاشي نظام ۾ سرندي وارن تي پاڻ مرادو غريبن ۽ ضرورتمندن جي مالي سهائتا ڪرڻ فرض ٿيل آهي. پر مايا جي محبت پاڻمرادو ڏيڻ ڪٿي ٿي ڏئي. نتيجي ۾ معاشري ۾ ڪيترائي ماڻهو پنڻ لاءِ نڪري پوندا آهن ته جيئن روز جي ضرورتن کي منهن ڏئي سگھن پنڻ وارن ۾ هڪڙا ته بي ترتيبا ماڻهو ملندا جيڪي ڳوٺن ۾ وڃي در در تي سين هڻن يا ڪنهن ننڍڙي شهر جي بازار ۾ هر دوڪان تي خيرات لاءِ سدا هڻندي ڏسندا آهيون.

                 تعلقي ليول جي شهر يا ان کان مٿي وارن شهرن جا فقير هاڻي مهذب ٿي ويا آهن بازار جو ٿورو ٿورو علائقو پاڻ ۾ ورهائي کڻن ٿا ۽ ان ڀاڱي ۾ جيڪو ماڻهو بيٺو ته ويرم ئي ڪانه ٿيندي جو فقير ان کي نه پهچي ٻهراڙي کان تيل ڦڻي ڪري اجرو ٿي شهر آيل ڳوٺاڻو فقير کان معافي وٺڻ ۾ پورو ۽ هيڏانهن فقير جو هر صدا ۾ پير مٽڻ نيٺ ڳوٺاڻي کي کيسي ڏانهن هٿ وڌائڻ تي مجبور ڪيو ڇڏي. اهڙا ئي منظر هلندي گھمندي ڏسڻ لاءِ ملندا آهن.

                 ڪجهه منظر هتي به چٽجن ٿا. سکر وڃڻ لاءِ ويگن ۾ سوار آهيون شاهه حسين تي گاڏي بيهي ٿي دري مان هڪ منهن ظاهر ٿئي ٿو ۽ روئڻهارڪي لهجي ۾ ٻڌائي ٿو ته سندس گڏهه گاڏو ٽٽي پيو آهي ٻيو وٺڻ جي سڪت ڪين آهي ٻچا بک تي آهن خيرات ڏيو. هي سکر جي شاهي بازار آهي هڪڙو اڌڙوٽ ۽ ساڻس هڪڙي عورت گڏ آهي ٻه نڙيون قميص هيٺيان سٿڻ ۾ ڦاٿل اٿس انهن سان جڙيل هڪڙي ٿيلهي همراهه کي هٿ ۾ کنيل آهي ٿيلهي ۾ ڪجهه رنگ وارو پاڻي نظر اچي ٿو ، همراهه ڍڪريل انداز سان عورت جي سهاري سڄي بازار ۾ گهمندو رهي ٿو ته ان انداز سان کيس گھڻي خيرات ملندي. کيس اها به سمجهھ نه آهي ته هرڪو سمجھي ٿو ته ايڏي بيماري وارو ماڻهو آخر گھمي ڦري ڪيئن ٿو سگھي؟

هڪڙي عورت ڪافي وقت ته اسان جي تعلقي واري شهر ۾ ۽ هاڻي ڪڏهن ڪڏهن سکر شهر ۾ به نظري ايندي آهي شهر جي مکيه بازار ۾ پنهنجو ٻارڙو زمين تي سڌو سمهاري  ڇڏيندي آهي ان ٻار جي منهن تي ٽينچر لڳل ڪپهه جا پها لڳائي وهندي آهي جهڙوڪ سندس ٻار باهه ۾ سڙي پيو هجي ۽ انهي ڪوڙ هيٺ خيرات وٺندي آهي. ٻالڪ به اهڙو سمجهايل جو اصل جسماني چرپر ڪين ڪري جنهن مهل ڏسبو بس سڌو ئي ليٽيو پيو هوندو آهي.

هن عورت جو اهو عمل انهي ٻالڪ جي جسماني ۽ ذهني واڌ ويجھه لاءِ تمام خطرناڪ آهي. ننڍا ٻار ڊڪندا ڊوڙندا ، ٽپ ڏيندا ته انهن جي جسماني واڌ ويجھه به ٿيندي. جيڪڏهن اسڪول ويندو ته ٻه اکر پڙهي به پوندو. ايئن مڪر ڪري ستو رهڻ سڄي عمر هن جي ذهني سوچ کي مڪر ۽ فريب واري پاسي رکيو ايندي جيڪو اڳتي هلي هڪ بيڪار شهري ئي ثابت ٿيندو! هي لوڊر رڪشا آهي جنهن ۾ هڪڙو شخص ستل آهي سندس ڀر ۾ هڪ عورت به ويٺل آهي ٽيون شخص ماڻهو وک اها رڪشا شهر جي مکيه بازار ۾ گھمائي رهيو آهي. رڪشا ۾ لڳل ننڍڙو لائوڊ ميموري ڪارڊ ۾ ڀريل ملتاني لهجي واري سنڌي ۾ انهي بيمار شخص جي نا چاڪائي ۽ ضرورت جو بيان بار بار ورجائي رهيو آهي ۽ ماڻهن ، دوڪاندار جي ڪنن تائين پهچائي رهيو آهي سوچڻ جي ڳالهه هي آهي ته عام ماڻهو مشڪل سان موٽر سائيڪل جو پيٽرول برداشت پيو ڪري سگھي هي سڄو ڏينهن هلندڙ لوڊر ۽ ان تي سوار ماڻهن جو خرچ ۽ گذارو شايد خيرات مان ٿيو وڃي!

ڳئن ٻڪرين جا وڏا ڌڻ ڪاهي ڪجهه ماڻهو ڪڏهن ڪڏهن اسان جي علائقي ۾ ٺڪاءُ ڪندا آهن انهن ڏينهن ۾ شام ٿيندي ئي گندي برقعو پاتل شايد عورتون هجن پرديداري جو مڪمل خيال رکندي شهر ۾ چؤڪ تي ويهي هڪ پاسي ننڍڙو ٻار ته ٻئي پاسي ميگا فون رکيل ڏسبي آهي انهي ۾ ڀريل ميموري ڪارڊ وڄي ٿو پيو۽ ان عورت جي غربت ۽ ضرورت جي ڳالهه وري وري ورجائي رهيو آهي. هونئن ته اسان جي پاڙي جي ڳوٺ ۾ هڪ شخص صوفي درگاهه / گادي جي شروعات ڪئي شروع ۾ ته ڀر وارن ڳوٺن ۽ برادرين جي ڪافي عام ۽ معززين هن وٽ اچڻ شروع ڪيو،

چاهي جو هاڻي اتي اها رونق نه رهي آهي پر شروع ۾ هي شخص معززين جو سنگ ساڻ ڪري شهر ۾ لهي پوندو هو ۽ هر دوڪان تان خير وٺندو وڃي بازار جي پڇڙي ڪري ۽ مليل رقم اتي بيٺل غريب نظر ايندڙن ۾ ورهائي ڇڏي. ايئن پنڻ سان هي پنهنجو ۽ سنگ ۾ شامل مريدن جو نفس مارڻ ظاهر ڪندو هو. يونيفارم نموني پهريل سٿڻ قميص سان ٻه همراهه پاڻ کي گم ٿيل ٻارڙا ڳولڻ واري تنظيم جا ميمبر ڄاڻائي بازار مان چندو وٺندي ڏٺاسين هڪ دفعي همٿ ڪري پڇيومان ته پراڻي عرصي جون تصويرون ۽ اخباري خبرن جا حصا کنيون وتو ٿا ڪا ويجھر جي به ڪارڪردگي ڏيکاريو؟ ان کان پوءِ ياد نٿو پوي ته اهي ماڻهو وري ڏٺا هجن. مٿين منظرن کان هيٺيون بيان ڪيل منظر اڃا ڌيان لائق آهي. سوزوڪي وين جنهن ۾ ننڍڙو لائوڊ لڳل آهي ان ۾ ريڪارڊ ٿيل ڪارڊ وڄي رهيو آهي جنهن ۾ صدقي ۽ خيرات ڏيڻ جي فضيلت ڏاڍي مٺڙي آواز سان بيان ڪئي پئي وڃي . اها سواري ماڻهو ٽور بازار ۾ هلي رهي آهي،

گاڏي سان چار پنج رضاڪار به آهن جيڪي مخصوص پيتي هٿ ۾ کنيو هر دوڪاندار کان پيسا گھرندا اڳتي هلندا پيا وڃن هن گاڏي ۾ وڄندڙ لائوڊ هن خيرات مان ڪراچي ۾ لاوارث ۽ بي گھر ماڻهن لاءِ کاڌي ۽ رهائش جو بندوبست ڪرڻ ٻڌائي ٿو. هن مان اسين ڇا سمجھون ته بلال ڪاڪا ۽ بنگلاڻي جي قاتلن جي پونيئرن جي آباد ڪاري لاءِ صدقا خيراتون اسان موڪليون يا قومي سوچ هيٺ معاف ڪريو جي پاڻ ۾ عادت وجهون