ڏوڪري (ن پ ا) ڏوڪري جي بٺ شاخ پاڙي جي رهواسي پورهيت نوجوان غلام نبي هليو وياجين کان تنگ ٿي زهريلي دوا پي مبينا طور زندگي جو ڏيئو اجهائي ڇڏيو. ان موقعي تي نوجوان جي وارثن جو چوڻ آهي ته پورهيت غلام نبي هليو هوٽل تي پورهيو ڪندو هو، وياجين کان پيسا ورتا هئا جيڪي مسلسل نوجوان کي تنگ ڪري رهيا هئا. وارثن جو وڌيڪ چوڻ هو ته وياج خورن کان تنگ اچي زهريلي دوا پي خودڪشي ڪئي آهي. هنن وڌيڪ چيو ته نوجوان جي قتل جو ڏوڪري جي وياج خور ماڻهن خلاف ڪيس داخل ڪيو وڃي.