ڏوڪري (ن پ ا) ڏوڪري ۾ گُل پٽڻ جي معاملي تان بااثرن پورهيت جون مُڇون ۽ ڀِرُون ڪوڙي تذليل ڪري زنجيرن رَسن ۽ بجليءَ جي وائرن سان هٿ پير ٻڌي رتورت ڪري روڊن رستن تي گهلڻ بعد گھر اڳيان اڇلائي ويا، پيءُ کي ڇڏائڻ لاءِ آيل ڌيءُ  تي به بااثر مارڪُٽ ڪندا رهيا، ان ڏس ۾  فارم ڪالوني جي رهواسي پورهيت قربان چانڊيو کي بااثرن پاران تشدد ڪري تذليل جو نشانو بڻايو ويو،  زخمي پورهيت جي وارث قاري هدايت اﷲ ميراڻي ٻڌايو ته اسان جو مائٽ پورهيت قربان چانڊيو پنهنجي گھر اندر بيٺل گلن جي ٻوٽن مان گُل پٽڻ لاءِ آيل گاڏهي برادري جي ننڍڙي ٻارڙي کي روڪيو ته بااثرن پورهيت تي حملو ڪري سندس ڀِرون ۽ مُڇون ڪوڙڻ تذليل بعد  زنجيرن رَسن ۽ بجليءَ جي وائرن سان هٿ پير ٻڌي ڪهاڙين، لٺين ۽ سروٽن جا وار ڪري پورهيت کي رتورت ڪري ڇڏيو،  زخمي کي جوابدار  روڊن رستن تي گهيليندا رهيا، هن چيو ته حملي ۽ تشدد واقعي جي ٿاڻي تي اين سي داخل ڪرائي آهي،  هوڏانهن ڏوڪري پوليس ٻڌايو ته  پورهيت تي تشدد ڪندڙ خلاف اين سي داخل ڪري ورتي آهي ۽  جوابدار لياقت گاڏهي کي گرفتار ڪري ورتو آهي، جاچ ڪريون پيا.