ڪراچي(م ڊ) ڏوڪري واسي هڪ تعليم دوست استاد پنهنجي علائقي ۾ آيل ٻوڏ متاثر ڪٽنبن جي ٻارن کي تعليم ڏئي سندن خدمت ڪري رهيو آهي. استاد لياقت ميراڻي تعليم بابت آگاهي پڻ ڏيندو رهندو آهي پر هن هاڻي هن ٻوڏ متاثرن کي ڪتاب ۽ قلم ڏئي سندن باقاعده ڪلاس شروع ڪري ڇڏيا آهن.