ڏوڪري (ن پ ا) سنڌ جو ناليوارو ٽي وي، ريڊيو ۽ اسٽيج ڊرامن جو ڀلوڙ اداڪار غلام علي چنو بيماري سبب لاڏاڻو ڪري ويو، مرحوم غلام علي چنو سنڌي اردو فلمن ۽ اسٽيج ڊرامن ۾ ڪري چڪو هو، مرحوم جو تڏو موهن جي دڙي ڀرسان ڳوٺ بگي ۾ وڇايو ويو آهي، مرحوم 20 کان وڌيڪ سنڌي ۽ اردو فلمن سميت 50 کان وڌيڪ اسٽيج ڊرامن ۾ ڪيو. هوڏانهن ڀلوڙ اداڪار جي وڇوڙي تي ڏوڪري جي اداڪارن سنڌي فلمن جو ڊائريڪٽر مظفر بلوچ، اداڪار سڪندر انڙ، زاهد ميراڻي، يار محمد جلباڻي ۽ ٻين پاران سينئير اداڪار جي وڇوڙي تي ڏک جو اظهار ڪيو آهي.