ڏوڪري (ن پ ا) ڏوڪري ويجھو ڳوٺ حبيب الله بروهي جي ڳوٺاڻن عورتن ۽ ٻارڙن سميت گھر جي پلاٽ تي مبينا قبضي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو. علي اصغر، علي گل، يوسف بروهي، عليمان خاتون سائره خاتون ۽ عميره خاتون ۽ ٻين ڳوٺاڻن احتجاج پاران احتجاج ڪيو ويو. ان سلسلي ۾ ڳوٺاڻن چيو آهي ته 60 سالن کان ڳوٺ قائم آهي سڀني ڳوٺ وارن جي رهائش جا پلاٽ ورهايل آهن، ڳوٺ جو بااثر ساڍا 4 جريب پلاٽ تي مالڪي ڏيکاري ڌمڪيون ڏئي قبضو ڪرڻ لاءِ بليڪ ميل ڪري ٿو. هنن وڌيڪ چيو ته ذاتي پلاٽ تي قبضو ڪري احمد خان بروهي نالي شخص مبينا ڪوڙا ڪارڊ ٺهرائي 2 پٽن کي ڀائر ڄاڻائي سندن ملڪيت ڦٻائڻ چاهي ٿو. هنن ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻو سميت روينيو کاتي جي عملدارن کان مطالبو ڪيو آهي ته جاچ ڪري کين انصاف ڏياريو وڃي.