ڏهرڪي ۾ گٽر مان هٿ آيل تازي ڄاول ٻارڙي اسپتال مان گهر منتقل، خوشين جي بهار

0
257

ڏهرڪي(ن پ ا) ڏهرڪي ۾ گٽرمان هٿ آيل تازي ڄاول ٻارڙي کي نجي اسپتال مان علاج بعد محلي واسي عبدالغني ڀٽي پالڻ لاءِ پنهنجي گهر کڻي آيو جتي خوشين جي بهار ٿي وئي.

عبدالغني ڀٽي ٽائيم نيوز سان ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو آهي ته مون کي ڌيءَ جو اولاد نه هو، ٻارڙيءَ کي لاش سمجهي ٻاهر ڪڍيو هاڻي پنهنجي ڌيءَ سمجهي گهر کڻي آيو آھيان، هي منهنجي ڌيءَ آھي.

هن چيو آهي ته ڪيترن ئي شهرين فون ڪال ڪري ٻارڙي مون کان گهرن ٿا پر مان پنهنجي ڌيءَ هاڻي ڪنهن کي به نه ڏيندس، عبدالغني ڀٽي محلي ۾ مٺائي ورهائي ڌيءَ جي خوشي جو اظهار به ڪيو.