ڏهرڪي (ن پ ا) ڏهرڪي ٽائون ڪاميٽي جي ملازمن جي ڪيس بابت سکر هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي ٿي، اڳوڻا ٽي ايم اوز طارق ٻگهيو ۽ رحمان سومرو پيش ٿيا. طارق ٻگهيو پنهنجي وڪيل معرفت عدالت ۾ شوڪاز نوٽيس جو جواب داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو ته سال 2012 ۾ ڏهرڪي ٽائون ڪاميٽي ۾ جيڪي 187 ملازمن جا آرڊر منهنجي صحيح سان جاري ٿيا آھن انهن آرڊرن تي مان صحيحون ناهن ڪيون، اهي آرڊر جعلي آھن، طارق ٻگهيو جي اهڙي جواب بعد عدالت پاران اسسٽنٽ ڪمشنر ڏهرڪي رضوان نظير کي حڪم ڪيو ويو ته توهان ٽي ايم اوز کان لکت ۾ وٺو جيڪڏهن اهي آرڊر جعلي آھي ته انهن ملازمن خلاف ڪارروائي ڪريو. ياد رهي ته ٽائون ملازمن ياور چغتائي ۽ جمعو بروهي پاران سال 2017 ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر ۾ درخواست ڏني هئي ته ملازمن جي پگهارن مان ناجائز ڪٽوتي ڪئي پئي وڃي. هوڏانهن ملازمن منير سونرو، رشيد پنهور ۽ ٻين چيو ته اسان ملازمن جي اڄ گڏجاڻي آھي ٽائون انتظاميا اسان کي بلاجواز بي روزگار ڪري رهي آھي.