ڏهرڪي: انتظاميه پاران يوريا ڀاڻ کوٽ ختم ڪرڻ جي خاطري، ڌرڻو ملتوي

0
396
ڏهرڪي: انتظاميه پاران

ڏهرڪي(ن پ ا) ڏهرڪي ۾ يوريا جي کوٽ خلاف ڌرڻي واري ڏنل سڏ کانپوءِ اينگرو ڀاڻ فيڪٽري انتظاميه يوريا جي کوٽ ختم ڪرڻ لاءِ ليٽر جاري ڪري ڇڏيو، جنهن بعد ڌرڻو ملتوي ڪئي وئي آهي

يوريا جي کوٽ خلاف ڏهرڪي ۾  ايس ٽي پي ۽  آبادگار اڳواڻن پاران اڄ اينگرو ڀاڻ فيڪٽري آڏو ڌرڻي جو سڏ ڏنو ويو هو، ڌرڻي واري سڏ کانپوءِ ڊي سي گهوٽڪي، اينگرو انتظاميه ۾ رات دير سان ڳالهيون ٿيون

اينگرو انتظاميه پاران يوريا جي کوٽ ختم ڪرڻ  وارو ليٽر به ڊي سي ۽ آبادگارن کي ڏنو  ويو، جنهن ۾ چيو ويو آهي هت روزانو 10 هزار ٻوريون ڏهرڪي ۽ سڀني شهرن جي ڪوٽا وڌائي ڇڏي آهي

آبادگار اڳواڻن ڄام فتاح سميجو، ڪامريڊ مير مهر  ۽ ٻين چيو آهي ته جيڪڏهن پنجن ڏينهن اندر يوريا جي کوٽ ختم نه ڪئي وئي ته ٻيهر ڌرڻي جو سڏ ڏينداسين، ڌرڻو ان ڪري ملتوي ڪيو آھي ته انتظاميه يوريا جي کوٽ ختم ڪرڻ جو واعدو ڪيوآھي

اينگرو انتظاميه جي دعويٰ آهي ته اسان يوريا ڏيئي رهيا آھيون پر ڊيلرز اسٽاڪ پيا ڪن، جڏهن ته ڊي سي گهوٽڪي جو چوڻ آهي ته سڀني ڊيلرز کي ملندڙ يوريا  هڪ فيڪٽري اندر رکي وڪرو ڪيو ويندو ۽ ڪنهن به ڊيلر کي اسٽاڪ ڪرڻ نه ڏيندا سين

ٻئي طرف يوريا جو پنجاب بلوچستان ڏانهن منتقلي وارو سلسلو رڪجي نه سگهيو، سوين يوريا سان ڀريل  ٽرالر وڃڻ جو سلسلو جاري آهي

ھي به پڙھندا

سنڌ ۾ يوريا ڀاڻ اڻلڀ، بليڪ تي وڪري جو انڪشاف