ڏسي ڪري لڳي ٿو ته هي حڪومت ڪجهه هفتا به نه هلي سگهندي: اسد عمر

0
134
اسد عمر جي ضمانت بابت فيصلو محفوظ: پهريون ڀيرو دهشتگرد هٿين خالي آيو آهي: جج
اسد عمر جي ضمانت بابت فيصلو محفوظ: پهريون ڀيرو دهشتگرد هٿين خالي آيو آهي: جج

ڪراچي (ڊيسڪ رپورٽ) پي ٽي آءِ اڳواڻ اسد عمر چيو آهي ته غير يقيني واري صورتحال ۾ ملڪ ۽ معيشت کي سنڀالي نٿو سگهجي، ڏسي ڪري لڳي ٿو ته هي حڪومت ڪجهه هفتا به نه هلي سگهندي

لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي اسد عمر چيو ته اسان ملڪ جي پرڏيهي مٽاسٽا جي ذخيرن ۾ ذرا ذرا گڏ ڪري واڌارو ڪيو هو، اسان جي دور ۾ پرڏيهي مٽاسٽا جي ذخيرن ۾ اضافو ٿيو هو پر عدم اعتماد جي اچڻ کانپوءِ 4 هفتن ۾ پرڏيهي زر مبادله جي ذخيرن ۾ ڪمي آئي آهي، معيشت جا فيصلا ڪيئن ٿي سگهن ٿا جڏهن اها ئي خبر ناهي ته حڪومت ڪيترو عرصو هلندي

هن چيو ته عمران خان جي حڪومت کي وڃي صرف هڪ هڪ ڏينهن ئي ٿيو هو ته آمريڪا کان ڊومور جو مطالبو اچي ويو، موجوده حڪومت تي ڊمور جو دٻاءُ اچي ويو آهي

اسد عمر چيو ته عوام جي ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت سمجهي ٿي ته چونڊون ٿيڻ گهرجن، امپورٽڊ حڪومت واقعي ملڪ جو درد رکي ٿي ته اليڪشن ڪرائي، خوف ڪهڙي ڳالهه جو آهي، سياسي ميدان ۾ اچي ڪري خان جو مقالبو ڪن

هن وڌيڪ چيو ته قوم هاڻي حقيقي آزادي سان جيئڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي، عوام عمران خان سان گڏ بيٺو آهي، عمران خان جڏهن فون ڪندو آهي ته ماڻهو ٻاهر نڪرندا آهن، اسان کي يقين آهي ته عمران خان جي سڏ تي ماڻهو ٻاهر نڪرندا، ڪراچي ۾ عمران خان جي لاءِ عوام پاڻ نڪري آيو، هاڻي لاهور ۾ جلسي لاءِ جڳهه گهٽجي ويندي، ماڻهو جلد کان جلد ٻاهر نڪري جلسي ۾ پهچي وڃن

اسد عمر چيو ته چيو پيو وڃي ته سي پيڪ سست روي جو شڪار ٿي ويو آهي، هاڻي ڪم تيزي سان ٿيندو، اسان جي دور ۾ سي پيڪ جي تحت هزارين ميگا واٽ بجلي جا ڪارخانها مڪمل ڪيا ويا، روڊ مڪمل ٿي ويا، اولهه راهداري تي ڪم شروع ٿيو، جيڪڏهن گوادر کي چين سان نه جوڙيو ويو ته معاشي راهداري ڇا هوندي

ھي به پڙھندا

لاھور ۾ جلسو: عمران خان جي سيڪيورٽي يقيني بڻائڻ جو حڪم