شھدادپور (رپورٽ: عبدالحميد کوسو) سانگهڙ جي مَنگلي ٿاڻي جي حد منڍ جمڙائو ۾ ڏاچي جي ڄنگهه وڍڻ واري ڪيس ۾ گرفتار ڪيل 6 جوابدارن کي پوليس عدالت ۾ پيش ڪيو، عدالت کين چئن ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪيو، پوليس جوابدار رستم شر، عابد شر، جعفر جٽ، شڪور شر، گل بيگ لاشاري ۽ دريا خان شر کي شھدادپور جي ڊيوٽي مئجسٽريٽ آصف سيال جي عدالت ۾ پيش ڪيو، جاچ آفيسر عدالت کي ٻڌايو ته جوابدار ڏاچي جي ڄنگهه وڍڻ واري ڪيس ۾ نامزد آهن، هنن گرفتاري دوران پوليس کي ڌڪا ڏئي ڊيوٽي ۾خلل وڌو، مٿن ڊيوٽي ۾ اٽڪاءَ سميت 2 ڌار ڌار ڪيس داخل آهن، هن استدعا ڪئي ته جوابدارن کي 14 ڏينهن جو پوليس رمانڊ ڏنو وڃي، عدالت پوليس جي استدعا رد ڪندي کين 4 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪيو، عدالت جوابدارن کي 19 جون تي ٻيهر پيش ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي، هوڏانهن پوليس مک جوابدار وڏيري کي گرفتار ڪري نه سگهي هئي

وڏي وزير پاران لائيو اسٽاڪ جي سيڪريٽري کي ڏاچي جي مڪمل علاج جو حڪم

ملير: سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه لائيو اسٽاڪ جي سيڪريٽري  ڪاظم جتوئي کي ڄنگهه ڪپيل ڏاچي جي مڪمل علاج  ڪرائي مصنوعي ڄنگهه لڳائڻ جو حڪم ڏنو آهي.

وزيراعليٰ حيدرآباد ۾ گڏهه کي زخمي ڪرڻ جو نوٽيس ورتو: جانورن تي ظلم برداشت نه ڪبو: مرادشاهه

ڪراچي: وزيراعليٰ مراد شاهه حيدرآباد لڳ  سيري ۾ گڏهه کي زخمي ڪرڻ واري واقعي تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو آهي ته جانورن تي ڪنهن به قسم جو ظلم يا زيادتي برداشت نه ڪئي ويندي.

مصنوعي ٽنگ لڳائڻ لاءِ اڍائي مهينا گهربل هوندا: شيما خان

ملير: ڪمپريهينسو ڊزاسٽر رسپانس سروسز سينٽر (CDRS) جي مينيجر شيما خان ”پنهنجي اخبار“ ٻڌايو ته سانگهڙ کان ڪراچي آندل زخمي ڏاچي جو علاج شروع ڪيو ويو آهي، هن چيو ته مصنوعي ڄنگهه لڳائڻ  لاءِ ٻن کان اڍائي مهينن جو وقت گهربل هوندو، ڏاچي جي پير جو زخم صحيح ٿيڻ بعد مصنوعي ڄنگهه لڳائي ويندي.

ڄنگهه ڪپيل ڏاچي ملير منتقل: علاج پڻ شروع

ملير (رپورٽ: ناز شر) سانگهڙ ويجهو فصل  جي ڀيل تان ڄنگهه ڪپيل ڏاچي کي ملير جي اينيمل شيلٽر هوم پهچايو ويو، لائيو اسٽاڪ جي ڊاڪٽرن جي ٽيم اڄ ڏاچي جي ڄنگهه جو معائنو ڪندي، ان ڏس ۾ ورڪشاپ جي علائقي ۾ فصل جي ڀيل تان ڄنگهه ڪپيل ڏاچي کي ڊپٽي ڊائريڪٽر لائيو اسٽاڪ ڊاڪٽر دوست اڪبر مري جي نگراني ۾ اينيمل شيلٽر هوم (سي ڊي آر ايس) دنبا ڳوٺ پهچايو ويو، جتي سندس علاج شروع ڪيو ويو آهي، ملير  پهتل ڏاچي گاهه پڻ کائي رهي آهي، ٻئي طرف لائيو اسٽاڪ کاتي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر صفدر فاضلاڻي، ايڊيشنل ڊائريڪٽر ڊاڪٽر نعيم انصاري، ڊاڪٽر چندر، ڊاڪٽر محمد علي گوپانگ، ڊاڪٽر حماد ٻگهيو تي مشتمل ٽيم اڄ دنبا ڳوٺ پهچي زخمي ڏاچي جو معائنو ڪندي، جنهن بعد ڏاچي جي آپريشن   توڙي هٿرادو ڄنگهه لڳائڻ بابت فيصلو ڪيو ويندو، ٻئي طرف  شيلٽر  هوم انتظاميا چيو ته ڏاچي جي صحت بهتر آهي،  اها گاهه کائي رهي آهي. هوڏانهن لائيو اسٽاڪ جي سيڪريٽري ڪاظم جتوئي چيو آهي ته(زخمي ڏاچي جو بهتر نموني سان علاج ٿي رهيو آهي، مصنوعي ڄنگهه لڳڻ بعد ڏاچي گهمڻ ڦرڻ جي قابل بڻجي ويندي.

 

 

ڏاچي جي ٽنگ ڪپيندڙ جي ٽنگ ڪاٽڻ کپي: گورنر

ڪراچي: گورنر ڪامران ٽسوري چيو آهي ته مون آءِ جي کي چيو آهي ته سانگھڙ  ۾ ڏاچي  جي ڄنگهه ڪپيندڙ سمورا جوبدار گرفتار ٿيڻ گهرجن، مون کي خبر پئي آھي ته پوليس اصل جوابدار کي  اڃا گرفتار ناھي ڪيو، حضرت صالح عليه اسلام جي دور ۾ هڪ ڏاچي کي مارڻ  تي قھر نازل ٿيو هو، اسلامي قانون مطابق ڄنگهه جي بدلي ڄنگهه ۽ اک جي بدلي اک آھي، مون آءِ جي سنڌ کي چيو آهي ته ڏاچي کي زخمي ڪندڙن کي گرفتار ڪيو وڃي، هن سواليه انداز ۾  چيو ته  اسان جو معاشري ڪھڙي رستي تي وڃي پيو؟   اسان کي اھڙن واقعن کي روڪڻو پوندو، هن چيو ته ڏاچي مالڪ  لاءِ روزگار ۽ 2 اٺن جو بندوبست ڪريون پيا