ڪراچي (اسپورٽس ڊيسڪ) سوشل ميڊيا تي پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي فاسٽ بالر  شاهنواز ڏاهاڻي ۽ من موهڻي اداڪارا هانيا عامر جي مڱڻي جا افواهه گردش ڪرڻ لڳا آهن، پر قومي ڪرڪيٽر اهڙن افواهن کي رد ڪري ڇڏيو آهي.  ان ڏس ۾ ميڊيا رپورٽن موجب قومي ڪرڪيٽر شاهنواز ڏاهاڻي ، اداڪارا هانيه عامر سان سندس مڱڻي واري خبرن جي ترديد ڪري ڇڏي  آهي، سندس چوڻ هو ته سوشل ميڊيا تي منهنجي اداڪارا هانيه عامر سان مڱڻي بابت بي بنياد ۽ ڪوڙيون خبرون هلايون پيون وڃن جن ۾ ڪا به صداقت ناهي ، هن چيو ته آئون جڏهن به مڱڻي يا شادي ڪندس ته سنڌ سميت سڄي ملڪ کي ٻُڌائيندس .